ٺل: مغوي بهرام کوسو بازياب ٿي گهر پهچي ويو، مقابلي جي دعويٰ، ڀنگ جا به چوٻول
جُولاءِ 20, 2024
ٺل (ن پ ا) ٺل جي آر ڊي 52 ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيارو کوسو مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل زميندار بهرام خان کوسو بازياب ٿي گهر پهچي ويو
ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب بهرام خان کوسو جي بازيابي سکر ڊويزن جي هڪ پوليس آفيسر معرفت ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان پوليس پاران 50 لک رپيا ڀنگ ڀرڻ عيوض ٿي، جڏهن ته جيڪب آباد پوليس 8 ڪلاڪن کانپوءِ مغوي جي بازيابي جي دعويٰ ڪئي
ايس ايس پي پريس ڪانفرنس بدران پريس رليز ۾ دعويٰ ڪندي چيو ته مغوي بهرام خان کوسو کي ٺل تعلقي جي ٿاڻي باهو کوسو ڀرسان ٻيلو عبدالرحيم بروھي مان بازياب ڪرايو ويو، پوليس هڪ جوابدار احمد علي بنگلاڻي کي ڪلاشنڪوف سميت گرفتار ڪيو آهي
پوليس پاران پريس پڌرائي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي جنهن ۾ مغوي بهرام خان کوسو اهو چوندي نظر اچي پيو ته 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو، اغوا کانپوءِ مختلف ٻيلن ۾ رکيو ويو، پوليس جي اچڻ جي اطلاع تي مون کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پئي ويو ته پوليس پهچي وئي ته مون کي آزاد ڪيو ويو
ٻئي پاسي مغوي بهرام کوسي کي جلوس جي صورت ۾ ٺل پهچايو ويو جتي کوسا برادري جي سوين ماڻهن گلن جي ورکا ڪري آجيان ڪئي جڏهن ته خوشي ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي
ان موقعي تي زميندار بهرام کوسو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان سنڌ واسين سميت کوسا برادري جي ڀائرن سردار توڙي پنهنجي دوستن جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي بازيابي لاءِ آواز اٿاريو
هن چيو ته جيڪب آباد پوليس جي مدد سان بازياب ٿيو آهيان، مان پنهنجي کوسا برادري کي گذارش ڪندس ته هو جيئن منهنجي لاء هڪ آواز ٿيا، اهڙي طرح پوري برادري جي ماڻهن لاءِ آواز اٿارين
کوسا برادري ڪچي ۾ داخل ٿي مغوي کي بازياب ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو
ٺل: ٺل جي ڳوٺ پيارو کوسو ۾ هڪ ڏينهن اڳ کوسا برادري پاران زميندار بهرام کوسو جي بازيابي لاءِ ڪٺ ڪوٺايو ويو هو، ڪٺ ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته ڪچي ۾ داخل ٿي ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائي بهرام خان کوسو کي بازياب ڪرايو ويندو، اهڙي اعلان کانپوءِ پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو هو، جيڪب آباد جي ايس ايس پي سکر ڊويزن جي هڪ ايس ايس پي سان رابطو ڪري مغوي بھرام خان کوسو جي بازيابي لاءِ مدد گهري هئي جنهن کانپوءِ سکر ڊويزن جي ايس ايس پي پاران مغوي بھرام خان کوسو کي ڊيل تحت 50 لک رپين ۾ آزاد ڪرايو ويو جيڪي پئسا پوليس پاران ادا ڪيا ويا آهن
ڪشمور: پنجاب واسي پيرسن بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول، پوليس بي خبر
ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور مان ڪجهه مھينا اڳ اغوا ٿي ويل پنجاب واسي پيرسن اسلم بازياب ٿي گهر پهچي ويو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوي اسلم پنجابي لکين رپيا ڀنگ ڀري آزاد ٿيو، جڏهن ته ڪشمور پوليس مغوي جي بازيابي کان به خبر بڻيل رهي، واضح رهي ته ڪجهه مھينا اڳ پيرسن اسلم پنجابي کي ڌاڙيل اغوا ڪري گيھلپور ڪچي طرف کڻي ويا هئا، ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کان ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن پاڻ مرادو مغوي کي آزاد ڪري ڇڏيو