ٿرڪول بلاڪ ون جو مٺي پاڻي وارو منصوبو رولڙي جو شڪار: وڌيڪ ساڍا 9 ارب طلب
جُولاءِ 22, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) ٿرڪول جي بلاڪ ون کي پاڻي پهچائڻ واري منصوبي جو ڪاٿو وڌي ويو، پاڻي پهچائڻ واري منصوبي تي ڪم ڪندڙ خانگي ڪمپني پاران سنڌ حڪومت کان حصيداري (ايڪيوئٽي) جي مد ۾ ساڍا 9 ارب رپيا طلب، وقت سر زمين نه ملڻ جي ڪري پاڻي پهچائڻ وارو منصوبو دير جو شڪار، ٿرڪول جي بلاڪ هڪ کي مٺو پاڻي پهچائڻ وارو منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. وقت سر زمين نه ملڻ جي ڪري پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ وجيهار ۽ نبي سر جي علائقن ۾ تلاءُ ٺهي نه سگهيا آهن ۽ نه ئي وري 60 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين جو ڪم شروع ٿي سگهيو آهي. سنڌ حڪومت حصيداري جي بنياد تي مختلف ڪمپنين سان پاڻي پهچائڻ واري منصوبي لاءِ لکت ۾ معاهدو ڪيو هو. ان معاهدي تحت سنڌ حڪومت کي نبي سر ۽ وجيهار جي علائقن ۾ تلائن لاءِ وقت سر زمين فراهم ڪري ڏيڻي هئي ۽ پائيپ لائين لاءِ به زمين حاصل ڪرڻي هئي پر مبينا طور روينيو کاتي جي لاپرواهي جي ڪري ڳچ زمين حاصل نه ٿي سگهي جنهن جي ڪري منصوبو دير جو شڪار ٿيو آهي. ان منصوبي جي ابتدائي لاڳت 50 ارب رپيا ڪٿي وئي هئي. اهڙي ئي هڪ رٿا سنڌ حڪومت بلاڪ 2 کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ اڳ ئي مڪمل ڪري چڪي آهي جنهن تي 18 کان 19 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. ان منصوبي تحت نبي سر ۽ وجيهار وٽ وڏا تلاءُ ٺاهيا ويا ۽ 60 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين به وڇائي وئي هئي. ساڳيو ئي منصوبو بلاڪ هڪ لاءِ به مڪمل ٿيڻو آهي پر وقت سر زمين نه ملڻ جي ڪري سنڌ حڪومت کي هاڻي ساڍا 9 ارب رپين کان وڌيڪ حصيداري (ايڪيوئٽي) جي رقم ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، جنهن لاءِ حصيدار بڻيل هڪ خانگي ڪمپني پاران سنڌ حڪومت کي خط به لکيو ويو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بلاڪ 2 کي پاڻي پهچائڻ وارو منصوبو ڪامياب ٿيو ۽ ان منصوبي تحت سنڌ حڪومت کي بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ هڪ ارب رپين جي اڳواٽ ادائگي به ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته اڃا پاڻي فراهم ڪرڻ وارو ٽيرف به منظور نه ٿيو آهي. عام طور خانگي شعبي جي فيڪٽرين کي سنڌ حڪومت هڪ رپئي جي عيوض هڪ هزار گيلن پاڻي فراهم ڪري ٿي جڏهن ته ٿرڪول بلاڪ 2 جي بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين کي لڳ ڀڳ 526 رپيا في هڪ هزار گيلن پاڻي ڏيڻ جو ٽيرف تيار ٿيل آهي جيڪو سنڌ حڪومت کان منظوري جي مرحلي ۾ آهي. هن وقت تائين بلاڪ 2 مان پاڻي ٽيرف جي مد ۾ جيڪا هڪ ارب رپين جي رقم ادا ٿي آهي اها سڄي سنڌ جي آبياني کان به ٽيڻي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي سنڌ مان آبپاشي کاتي کي آبياني جي مد ۾ 27 ڪروڙ 50 لک رپيا ساليانو ادائگي ٿئي ٿي جڏهن ته صرف ٿرڪول جي هڪ بلاڪ مان اڳواٽ ادائگي تحت سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي کي هڪ ارب رپيا ملي چڪا آهن. پاڻي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۽ نوري آباد جي فيڪٽرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي مد ۾ نئين ٽيرف تحت اگهه ورتو وڃي ته سنڌ حڪومت کي ساليانو اربين رپين جي رقم حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ ان رقم جي عيوض غريب ماڻهن جي ڳرن ٽيڪسن مان جان ڇٽي سگهي ٿي.