ٺاروشاهه لڳ بيمار ڌيءُ کي جيئرو پوري ماريندڙ جوابدار گرفتار، قتل ڪيس داخل، قبر هٿ

جُولاءِ 8, 2024

ڪنڊيارو/ٺاروشاهه (رپورٽ: وحيد ميمڻ+شبير اڄڻ) ٺاروشاهه ڀرسان گذريل ڏينھن مبينا طور علاج جا پئسا نه ھجڻ تي پيءُ پاران نياڻي کي جيئرو پورڻ وارو معاملو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، خبر موجب ڳوٺ ڦوٽو راڄپر ۾ گذريل ڏينهن پيءُ طيب عرف مڇر راڄپر پاران معصوم نياڻي کي جيئرو پورڻ وارو معاملو ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار  ۾ رپورٽ ٿيڻ بعد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ايس ايس پي نوشهروفيروز صدام خاصيخلي جي هدايت تي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري نياڻي کي جيئرو دفن ڪندڙ جوابدار پيءُ طيب عرف مڇر راڄپر کي گرفتار ڪـري ورتو، پوليس موجب جوابدار وٽ علاج جا پئسا نه هجڻ ڪري هن نياڻي کي ٻاچڪـي ۾ ويڙھي قبرستان ۾ زندهه دفن ڪيو، پوليس موجب جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي، پوليس ٻڌايو ته جوابدار جي نشاندھي تي مقامي قبرستان ۾ ٻارڙي جي قبر ھٿ ڪئي وئي آھي، جڏهن ته جنھن ٻاچڪـي ۾ هو نياڻي کي کڻي آيو هو اهو ٻاچڪو پڻ ھٿ ڪيو ويو آھي، پوليس موجب عدالت جي حڪم تي نياڻي جي قبرڪشائي ڪرائي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو. ٻئي طرف ڳوٺ لونگ راڄپر ۾ معصوم نياڻي کي زندهه دفنائڻ واري واقعي جو جوابدار طيب عرف مڇر راڄپر خلاف ڪنڊيارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار پوليس آڏو اعتراف ڪيو آهي ته غربت هجڻ ڪري هن معصوم نياڻي کي زندهه دفنايو، نياڻي جي علاج لاءِ وٽس پئسا نه هئا، جنهن ڪري هن اهڙو قدم کنيو. ڪيس ۾ قلم 302  ۽ 201 پي پي سي لڳايا ويا آهن. جنهن جو فرياد سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ فريادي اي ايس آءِ غلام حسين سهتو بڻيو آهي.

جوابدار علاج نه ڪرائي سگهڻ سبب نياڻي پهرين پاڙيسرين کي ڏني

ڪنڊيارو: ڪنڊيارو پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ دوران جوابدار طيب عرف مڇر راڄپر ٻڌايو آهي ته سندس نياڻي سخت بيمار ٿي پئي، هن وٽ علاج جا پيسا نه ھئا، پوليس موجب جوابدار ٻڌايو ته علاج نه ڪرائي سگهڻ سبب هن نياڻي پاڙي جي رھواسين کي ڏني هئي، جن طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي نياڻي واپس موٽائي ڏني جنهن ڪري کيس جيئرو دفنائيو.

گرفتاري دوران جوابدار جي پاڪ ڪتاب کڻي معافي ڏيڻ جي التجا

ڪنڊيارو: پوليس ٻڌايو ته ڇاپي دوران نياڻي کي جيئرو دفن ڪندڙ جوابدار طيب عرف مڇر راڄپر پاڪ ڪتاب کڻي معافي ڏيڻ جون التجائون ڪيون، پوليس موجب جوابدار اهڙو ڏوهه ڪيو آهي جيڪو معافي جوڳو ناهي، پوليس موجب جوابدار کي قانون سخت کان سخت سزا ڏيندو.

ايس ايس پي ٽائيم نيوز تي خبر هلڻ بعد نوٽيس ورتو

ٺارو شاهه: ايس ايس پي نوشھرو فيروز صدام حسين خاصخيلي ٻڌايو ته پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز ٽي وي تي خبر جي ڄاڻ ملي، جنھن بعد ڪارروائي ڪري مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي موجب جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي موجب جوابدار کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو.

Leave A Comment