ٺٽو:سونڊا ويجهو چانگ ۽ ٺينگا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو: 12 ڄڻا زخمي

جُون 19, 2024

ٺٽو لڳ سونڊا ويجهو چانگ ۽ ٺينگا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت سول اسپتال پهچايو، واقعي بعد چانگ برادري جي ماڻهن جو ٺينگا اسٽاپ وٽان ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراهه تي ڌرڻو، پوليس موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، ٺينگا برادري جي ٻن نارين سان چانگ برادري جي ٻن نوجوانن پرڻو ڪيو هو، راڄوڻي ڪوششن جي نتيجي ۾ هڪ ناريءَ کي واپس به ڪرايو ويو هو، علائقي واسين موجب ڌرين ۾ جهيڙي ۽ فائرنگ دوران پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي، ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري

Leave A Comment