پاڻي ورڇ 91ع ٺاهه تحت ڪريو: ارسا چيئرمين سنڌ مان ٿيڻ کپي: سنڌ اسيمبلي ۾ رٿ منظور

سيپٽمبر 2, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) پيپلز پارٽي پاران ارسا چيئرمين جي مقرري سنڌ مان ڪرڻ جو مطالبو، سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ کي 91ع واري پاڻي ٺاهه موجب پاڻي نه ملڻ ۽ ارسا پاران غيرمنصفاڻي ورڇ خلاف رٿ بحث لاءِ منظور، جمعي ڏهاڙي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبر رِٿ تي بحث ڪري پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ بابت تجويزون پيش ڪندا، ڪالهوڪي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي نثار کهڙو ارسا جي پاڻي جي  غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ 91ع واري ٺاھ تي عمل نه ٿيڻ خلاف رِٿ پيش ڪئي وئي، جيڪا اسپيڪر جمعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ بحث لاءِ منظور ڪري ورتي.  پ پ ايم پي اي نثار احمد کهڙو رٿ پيش ڪندي چيو ته جڏهن سنڌوءَ جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي ته پوءِ ارسا چيئرمين به پڇڙي واري صوبي جو هجڻ گهرجي، ارسا 91ع واري ٺاهه بدران ڪڏهن ٿرڊ ٽيئر ( ٽه رخو فارمولا) ته ڪڏهن ٻي ڪنهن فارمولي تحت پاڻي ورڇ ڪري سنڌ سان ناانصافي ڪري ٿي، هن چيو ته 91ع واري ٺاھ تحت صوبن کي پاڻي ڏنو وڃي، هن چيو ته 91ع واري پاڻي ٺاھه تي سنڌ مان مظفر شاھ ۽ پنجاب مان شاھ محمود قريشي صحيحون ڪيون ويون هيون، هن چيو ته اڄ ٻوڏ واري صورتحال سبب پاڻي جي کوٽ ناهي پر اسان چاهيون ٿا ته 91ع واري معاهدي تحت ئي پاڻي جي ورڇ ٿئي ۽ پاڻي تي پهريون حق پڇڙيءَ وارن جو هجي. هن چيو ته ارسا جو چيئرمين به پڇڙي واري صوبي جو هجڻ گھرجي، هن چيو ته مناسب رهندو ته سنڌ اسيمبلي هڪ قرارداد  ذريعي وفاق کي ياد ڏياري ته صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ 91ع ٺاھ تحت ٿيڻ گھرجي. پ پ ايم پي اي پاران اهڙي رٿ پيش ڪرڻ بعد سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ رِٿ منظور ڪندي چيو  ته جمعي تي اسيمبلي ميمبر اهڙي رِٿ تي تفصيلي بحث ڪندا. ايوان  پاران ڌماڪيدار مواد جو لائسنس جاري ڪرڻ وارو اختيار صوبي کان وفاق ڏانهن منتقل ڪرڻ وارو بِل پيش ڪيو ويو، سنڌ اسيمبلي اهو بِل گھرو کاتي بابت قائم ٿيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو، اسٽينڊنگ ڪاميٽي هڪ هفتي ۾ بِل تي سفارشون منظور ڪري ايوان کي آگاهي ڏيندي. ان حوالي سان گھرو مامرن جي وزير ضياالحسن لنجار بِل جي متن ۾ ڄاڻايو ته ڌماڪيدار مواد جي وڪري ۽ پهچ دوران دهشتگرد فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا، انهي کان اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي گھرو وزيرضياالحسن لنجار چيو  ته ٻن مهينن دوران گهوٽڪي، شڪارپور توڙي ڪشمور ۾ پوليس مقابلن دوران ڪيترائي ڏوهاري ماريا ويا، هن چيو ته ڪشمور مان 27 ڌاڙيل گرفتار ڪري سندن قبضي مان 24 خطرناڪ هٿيار به ضبط ڪيا ويا آهن،  ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل سمورا ماڻهو بازياب ڪرايا ويا آهن، باقي شڪاپور ۽ ڪشمور مان اغوا ٿيل رڳو 2 ڄڻا ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، هن چيو ته ماڻهو پاڻ عورتاڻي آواز تي يا وري سستا ٽريڪٽر خريد ڪرڻ واري آسري تي هرکجي ڪچي  ۾ پهچن ٿا، جتي ڌاڙيل کين يرغمال بڻائين ٿا. انهن کي ڇڏائڻ لاءِ پوليس جان جا نذرانا ڏئي رهي آهي. هن چيو ته عوامي آگاهي لاءِ ڪيترائي ڀيرا اخبارن ۾ اشتهار به ڏئي چُڪا آهيون پر پوءِ به ماڻهو نه ٿا سمجھن، کين سمجهڻ گھرجي ته 20 لک رپين جي شيءَ ڪير 5 لکن ۾ ڪيئن ڏيندو؟ ماڻهن رشتا( سڱ) وٺڻ جي چڪر ۾ به ڪچيءَ ۾ هرکجي وڃن ٿا، جيڪو عمل سندن اغوا جو سبب بڻجي ٿو. ٻئي طرف  گھرو کاتي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ٻن ميمبرن پير مجيب ۽ مليحه منظور کي هٽائي سعديه جاويد ۽ قاسم سراج سومرو کي مقرر ڪيو ويو آهي. ڪالهه اسپيڪر اويس قادر شاھ پنهنجي جماعت جي ٻن ايم پي ايز کي اجلاس اندر ڳالهائڻ کان روڪي سندن مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيون! ڪالهه عورتن جي ڀلائي واري کاتي بابت ٿيندڙ سوال جواب واري سيشن ۾ پ پ ايم پي اي ماروي راشدي ۽ سعديه جاويد پنهنجي پارٽي جي صوبائي وزير شهنيلا شير علي جي حمايت ۾ ڳالهائڻ چاهيو ته اسپيڪر نه صرف سندن مائيڪ بند ڪرايا پر ماروي راشدي کي اها به تنبيهه ڪئي ته آئنده توهان کي ڳالهائڻ به نه ڏنو ويندو.

Leave A Comment