صدر پاران وفاقي بجيٽ جي منظوري: اڄ کان 200 ارب جا وڌيڪ ٽيڪس لاڳو

جُولاءِ 1, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري فنانس بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، صدر جي صحيح کان پوءِ بل قانون بڻجي ويو، فنانس بل جي منظوري واري ڪاپي پارليامينٽ کي اماڻي وئي، 18 هزار 877  ارب رپين جي ڪاٿي واري نئين وفاقي بجيٽ پهرين جولاءِ کان لاڳو هوندي، فنانس بل تحت مختلف ٽيڪسز ۽ ڊيوٽيز ۾ تبديلي ڪئي وئي، فنانس بل تي عمل سان 200 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ٿيندا، ذريعن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان گذريل ڏينهن فنانس بل 2024ع صدر کي اماڻيو هو.

Leave A Comment