فوج جيئن چاهي ڪري، سوال نٿا ڪري سگهون: پي ٽي آءِ
آگسٽ 13, 2024
اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته فوج جيئن چاهي پنهنجي اداري ۾ احتساب ڪري اسان سوال نٿا اٿاري سگهون
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته فوج جو پنهنجو انفرا اسٽرڪچر آهي ان جو مضبوط ادارو ۽ طريقيڪار آهي، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي پاليسين تي ڪو به فرق نه پوندو، خوفزده ناهيون
ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته رٽائرمينٽ بعد الزام لڳائڻ تي ڳڻتي آهي، ان جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي.