فوج پنهنجو نمائندو مقرر ڪري، ڳالهين لاءِ تيار آهيان، اهو نه سيکاريو ته اسٽيبلشمينٽ ڪا غلطي ناهي ڪئي: عمران خان

جُولاءِ 31, 2024

اسلام آباد/ راولپنڊي ( بيورو رپورٽ/ م ڊ)  ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، فوج پنهنجو نمائندو مقرر ڪري اسان ڳالهيون ڪنداسين. فوج تي ڪڏهن به الزام ناهن لڳايا،  رڳو تنقيد ڪئي هئي، اسان کي اهو نه سيکاريو ته ڪڏهن به ڪا غلطي ناهي ڪئي. جسٽس عامر فاروق منهنجي ڪيسن کان الڳ ٿي وڃي. حڪومت پي ٽي آءِ ۽ فوج کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ چاهي ٿي،  ٻئي سمنڊ ۾ ٻڏي رهيون آهن، بوُٽ جي سهاري لٽڪن پيون، جنهن کي 9 مئي جو ٽيگ لڳل آهي.  عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني وڌيڪ چيو ته  ذوالفقار علي ڀٽو جي سزا پٺيان جنرل ضياءَ الحق هو ۽ ڍاڪا سانحي پٺيان جنرل يحييٰ خان جو هٿ هو جيڪڏهن اوهان ظلم ڪندئو ته ڇا فوج تي تنقيد ڪرڻ ڇڏي ڏيون؟ عمران خان چيو ته ايس آءِ ايف سي ڇا آهي ۽ محسن نقوي ڪير آهي؟ ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي ۽ محسن نقوي انهن جو ئي ته نمائندو آهي هو انهن جي ذريعي ئي آيو آهي. هن چيوته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ نڪرندڙ بلوچ عوام جي به حمايت ڪيان ٿو،ج بلوچستان ۾ ماڻهن کي گم ڪرڻ ظلم آهي، حڪومت هوش ڪري ۽ بلوچ عوام ۾ تمام گهڻي نفرت پکڙي رهي، اسان جا 25 ڪارڪن اڃا تائين گم آهن، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ احمد جنجوعا کي گهر مان گرفتار ڪري دهشتگرد بڻايو ويو آهي،جماعت اسلامي جي احتجاج جي حمايت ڪريون ٿا.  عمران خان فوج کي بگڙيل ٻار سان تشبيهه ڏيندي چيو ته گهر  ۾ ڪوبه بگڙيل ٻار هجي ته انهي تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ۽ فوج تي تنقيد انهي سبب ڪئي هئي ڇو ته تنقيد جمهوريت جو حسن آهي.  صحافي سوال ڪيو ته اوهان جي تازن بيانن سان لڳي رهيو آهي ته اوهان فوج سان معاملا صحيح ڪرڻ چاهيو ٿا پر اوهان انهي فوج ۽ ان جي سربراهه تي الزام لڳايا؟ جنهن تي عمران خان چيو ته مون فوج تي ڪڏهن به الزام نه لڳايا آهن، صرف تنقيد ڪئي آهي، اسان کي اهو نه سيکاريو ته فوج ڪڏهن ڪا غلطي ناهي ڪئي.صحافي سوال ڪيو ته اوهان فوج تي الزام لڳايو ٿا ۽ انهن سان ڳالهيون به چاهيو ٿا، سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڇو نٿا ڪريو؟ عمران خان چيو ته ايس آءِ ايف سي ڇا آهي ۽ محسن نقوي ڪير آهي؟ ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي ۽ محسن نقوي  هنن جو ماڻهو آهي،  محمود خان اچڪزئي کي اسان ڳالهين جو مينڊيٽ ڏنو هو، پر ٻئي طرف کان ڪوبه نالو سامهون اچي ته اسان ڳالهيون ڪريون. عمران خان چيو ته محمود خان اچڪزئي تي اسان جو پورو ڀروسو آهي. عمران خان چيو ته مريم نواز فاشسٽ آهي  اها پنهنجي پيءُ جي چوري جي پئسن سان پلجي آهي جيئن شهزادي هجي. مريم نواز آءِ جي پنجاب کي انهي لاءِ رکيو آهي ته  اهو پي ٽي آءِ تي ظلم ڪري.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • بجيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ گهٽ پئسا ڏيڻ جو چيو ويو: وڏو وزير