حملو بظاهر ناڪام ٿيو، ايران کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا: جوبائيڊن

آڪٽوبر 2, 2024

آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته ايران جو حملو بظاهر ناڪام ٿي چڪو آهي، ايران کي حملي جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا

جوبائيڊن چيو ته اسرائيل کي آمريڪا جي مڪمل حمايت حاصل آهي، آمريڪا اسرائيل جي دفاع ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو، مستقبل ۾ به اسرائيل جي دفاع ۾ مدد لاءِ تيار آهيون

آمريڪي صدر چيو ته آمريڪي قومي سلامتي ٽيم اسرائيلي اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي

ان کان اڳ آمريڪي صدر اسرائيل تي ايراني حملي دوران صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وائيٽ هائوس ۾ اجلاس سڏايو هو، ملاقات ۾ نائب صدر ۽ جمهوري صدارتي اميدوار ڪملا هيرس به موجود هئي

ملاقات دوران آمريڪي صدر بائيڊن آمريڪي فوج کي حڪم ڏنو ته هو اسرائيل جو دفاع ڪري

Leave A Comment