سرحد ڀرسان ڌاڙيلن جو چوڪي ​​تي راڪيٽ حملو، 2 اهلڪار شهيد، 2 جوابدار به زخمي

جُولاءِ 29, 2024

سرحد/عادلپور (رپورٽ: حاڪم ابڙو/ماجد ڪلوڙ) سرحد ڀرسان ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي ​​تي حملو، انڌاڌنڌ فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچر فائر، 2 پوليس اهلڪار شهيد، جوابي فائرنگ ۾ 2 ڌاڙيل زخمي، ايس ايس پي پاران شر گينگ ملوث هئڻ جا الزام، خبر موجب گذريل رات دير سان  آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد بچا بند جي پوليس پڪٽ نمبر 46 تي 16 کان وڌيڪ ڌاڙيلن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊيوٽي تي موجود ٻه پوليس اهلڪار عبدالقادر مهر ۽ ظهير احمد ٿهيم گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي شهيد ٿي ويا، واقعي بعد هٿياربند شهيد اهلڪارن جا هٿيار پاڻ سان گڏ کڻي ويا، واقعي جو اطلاع ملڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي نفري واقعي واري هنڌ پهتي، جتان شهيد اهلڪارن جا مڙهه سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيا، پوليس چوڪي تي حملو ڪري واپس ويندڙ 2 ڌاڙيل پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيا، جن کي ساٿي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، شهيد اهلڪارن جي لاشن کي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد پوليس لائين ميرپور ماٿيلو آندو ويو، جتي سندن جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه، ڊي ايس پي گهوٽڪي احمد بخش راهوجو، ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو عبدالقادر سومرو، ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر چاچڙ، رينجرز جي ڊي ايس آر محمد اقبال سميت پوليس آفيسرن، اهلڪارن، صحافين ۽ شهر جي سياسي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد پوليس جي اسپيشل دستي پاران شهيد اهلڪارن کي سلامي ڏني وئي ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي پاران شهيدن مٿان گلن جي چادر پڻ  چاڙهي وئي.

شر گينگ جي 2 ڌاڙيلن جي مارجڻ تي حملو ڪيو ويو: ايس ايس پي

سرحد: ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه چيو آهي ته چوڪي تي حملو شي گينگ جي ٻن ڌاڙيلن جي مارجڻ جو رد عمل آهي، حملي ۾ راحب شر سميت شر گينگ جا ڏوهاري ملوث آھن، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس اهلڪارن پنهنجين جانين جو نذرانو ڏنو آهي، جيستائين ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو نه ٿيندو تيستائين سک سان نه ويهنداسين ۽ جوانن جون شهادتون رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته شهيدن جي خاندان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، هن چيو ته 19 جون تي پوليس جي مقابلي ۾ شر گينگ جا ٻه ڏوهاري محب شر ۽ توڏو شر مارجي ويا هئا، پوليس چوڪي تي حملو ان جي ڪڙي آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان رت جا نشان پڻ مليا آهن، پوليس کي پنهنجي ڳجهن ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه ڏوهاري پڻ زخمي ٿيا آهن جن کي پنهنجا ساٿي ساڻ کڻي ويا آهن، هن چيو ته ڏوهارين جون اهي بزدلاڻيون ڪاروايون کين ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، هنن جا حوصلا اڃا به وڌيڪ بلند ٿيا آهن، تمام جلد حملي ۾ ملوث ڏوهارين کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

عبدالقادر مهر 2007 ۽ ظهير ٿهيم 2006 ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيا

سرحد: شهيد پوليس اهلڪار عبدالقادر مهر 2007 جڏهن ته ظهير احمد ٿهيم 2006 ۾ پوليس ڊپارٽمنٽ ۾ بطور پوليس اهلڪار طور ڀرتي ٿيا هئا، جن گذريل رات ڌاڙيلن جي حملي ۾ جام شهادت نوش ڪيو.

Leave A Comment