شهدادڪوٽ-خضدار روڊ جون پلون لڙهي ويون، روڊ بحال نه ٿيو

سيپٽمبر 2, 2024

شھدادڪوٽ (رپورٽ: اميرعلي مڱڻهار) بلوچستان جي سيلابي پاڻي ۾ خضدار شھدادڪوٽ روڊ جون لڙھي ويل پليون ٺھي نه سگھيون آهن، جنهن سبب رستو بحال نه ٿي سگهيو آهي، سوين مسافر گاڏيون 3 ھزار فوٽ بلندي تي ونگو جبل وٽ ڦاٿل آهن، مسافرن امداد علي، رزاق، امتياز ۽ ٻين پاران بلوچستان حڪومت کان رستو بحال ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي، ونگو جبل ۾ 10 ڏينهن کان بغير خوراڪ جي ڦاٿل آھيون، ننڍا ٻار ۽ عورتون پڻ وڏي تڪليف ۾ آھن، سوين گاڏيون جبل ۾ ڦاٿل آھن، ڪيترن ئي مسافرن جي طبيعت پڻ خراب ٿي وئي آهي، اسان وزيراعليٰ بلوچستان کي اپيل ٿا ڪريون ته فوري طور تي رستو بحال ڪرايو وڃي.

Leave A Comment