غزه ۾ ظلم سبب جشن آزادي جون خوشيون ڦِڪيون ٿي ويون آهن، اقليتن جو تحفظ ڪبو: وزيراعظم شهباز شريف

آگسٽ 12, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزه ۾ مسلمانن تي ظلمن سبب اسان جون جشن آزاديءَ جون خوشيون ڦِڪيون ٿي ويون آهن، اسرائيلي جارحيت تي سموري دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي، عالمي ادارن جي منظور ڪرايل ٺهرائن جي ردي برابر به حيثيت نه رهي آهي، اسلام آباد ۾ اقليتن جي قومي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مسيحي، سک، هندو، پارسي ۽ ٻين اقليتي برادرين پرامن رهي پاڪستاني شهري هجڻ جو پرخلوص ثبوت ڏنو آهي، ماضيءَ ۾ ڪجهه دل ٽوڙيندڙ واقعن سبب اقليتن ۾ خوف پيدا ٿيو، مختلف حڪومتن جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي اقليتن جو خوف ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، مسيحي برادري جي مشينري اسڪولن 77 سالن دوران ملڪ جي لکين ٻارن کي تعليم ڏني، امن جي وقتن ۾ اهي سندن بهترين خدمتون آهن، پارسي ۽ ٻين برادرين ملڪي تجارت ۾ بي پناهه خدمتون سرانجام ڏنيون، سپريم ڪورٽ ۾ هڪ هندو جج انصاف جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، سک برادري به پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، اقليتن جي تحفظ لاءِ جيترا به قدم کنيا وڃن گهٽ آهن. هوڏانهن جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اقليتن جي  قومي ڏينهن جي موقعي تي مان پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن اقليتن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ انهن جي شاندار ڪردار تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. شهباز شريف چيو ته سرڪاري سطح تي اقليتن جو قومي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن سان يڪجهتي جو اظهار  ۽ انهن جي رياست پاڪستان جي خدمتن جو اعتراف آهي، اسان جي اقليتي برادري تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن جي حوالي سان 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ هڪ تاريخي تقرير ۾ اقليتن جي لاءِ مڪمل مذهبي آزادي جو اعلان ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته اسان اقليتن جي حدن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي، خوشحالي جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ اڄوڪي ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر اسان انهي عزم جو ارادو ڪريون ٿا.  پاڪستان جي حڪومت مذهبي، اقليتي برادري جي فلاح، بهبود جي حوالي سان عملي طور قدم کڻي رهي آهي.

Leave A Comment