وڏي وزير جو افتتاح ڪيل ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين ناڪام، ابتو وهڻ لڳو، پنگريي کي خطرو
سيپٽمبر 2, 2024
پنگريو (رپورٽ: علي مراد شاهه) ايل بي او ڊي جي اسپائينل ڊرين جي 210 آرڊي وٽان پاڻي جو قدرتي لنگهه ناڪام ٿي ويو، پاڻي ابتو پنگريو ڏانھن وھڻ لڳو، پنگريو ۽ آسپاس جي علائقن کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڪرين مشين سان ايل بي او ڊي انتظاميا لنگھه تي بند ٻڌي پاڻي روڪي ورتو، پنگريو سميت ٻيا علائقا ٻڏڻ کان بچي ويا، انھي سلسلي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي ٽائون ڪاميٽي چيئرمين مير محمدبخش ٽالپر، شھري اشرف شورو، گل رحمان جروار ۽ ٻين چيو ته پنگريو ڍوري جو اسپائيل ڊرين تي جوڙيل 210 آرڊي وارو انڊرپاس ابتو وھي رھيو ھو جنھن سان پنگريو ڏانھن پاڻي اچي رھيو ھو، انتظاميا سان رابطو ڪري انڊرس پاس بند ڪرائي ڇڏيو آهي، ٻي پاسي ايس ڊي او ڊرينيج بدين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسپائينل ڊرين 210 آرڊي وٽ لڳل گيٽن مان ڍوري پراڻ ۾ 2500 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو آهي جنھن سان ايل بي او ڊي تي پاڻي جو دٻاءُ گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي رھي آهي، واضح ته 24 جولاءِ 2024ع تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه قدرتي ڍوري ۽ گيٽن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ھو.