سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪابينا جي ميمبرز سوڌو نوابشاهه پهچي ويو
مَي 8, 2024
سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪابينا جي ميمبرز سوڌو نوابشاهه پهچي ويو، وڏي وزير جي صدارت هيٺ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي چونڊيل نمائندن جو اجلاس، پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، عذرا پيچوهو، ناصر شاهه ۽ ٻين جي اجلاس ۾ شرڪت، وڏي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اڄ شهيد بينظير آباد پهتو آهيان، پارٽي چيئرمين چيو آهي ته ڪارڪن به ترقياتي منصوبن بابت پنهنجيون تجويزون پيش ڪن، اڄ ڪارڪنن کي ٻڌڻ آيو آهيان، مقامي سطح تي مشاورت سنڌ جي ترقيءَ جي ضامن هوندي، سنڌ کي هڪ پڙهيل لکيل، اسريل ۽ پرامن صوبو بڻائڻ ۾ ڪارڪن ڪردار ادا ڪن، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته ڪارڪنن کان تجويزون وٺڻ لاءِ هڪ پروفارما جاري ڪيو ويو آهي، ڪارڪن ان پروفارما ۾ ترقياتي منصوبن بابت پنهنجيون تجويزون پيش ڪري سگهن ٿا