سنڌ جي وڏي وزير جي تڪ جا ماڻهو به پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان، سن ۾ مظاهرو، ڌرڻو

جُون 25, 2024

سن (رپورٽ: شاھنواز شاھاڻي) سن ڀرسان يوسي آمري جي تاريخي ڳوٺ لڪي شاھه صدر جا رهواسي جديد دور ۾ به  پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان آهن، لڪي شاھه صدر واسين جو سيد صفدر شاھه، عبدالجبار مهر، عبدالستار مهر، انور چهواڻ، بهادر لاکو، ڪامران ڀچو، اسلم ڀچو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن معصوم  ٻارڙن سميت پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر ۽ پ پ جي يوسي چيئرمين سيد سجاد شاھ خلاف احتجاجي مظاهرو نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن چيو ته پ پ جو يوسي چيئرمين ۽ وڏيرو دوست محمد مهر واٽر سپلاءِ جو پاڻي شهرين کي ڏيڻ بدران پنهنجي فصل زمين کي ڏين ٿا، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه سميت ڪو به اسان جي دانهن ٻڌڻ واراو نه آهي، نوٽيس ورتو وڃي

Leave A Comment