ڪاميٽين کي نه ٿا مڃون، ڪارونجهر جي قومي ورثي وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي: هاءِ ڪورٽ

سيپٽمبر 3, 2024

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ڪارونجھر جي حصي کارسر کي معدنيات جو جواز ڄاڻائي ڪٽڻ کان روڪڻ بابت داخل ڪيل آئيني پٽيشن تي اڄ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ ٻڌڻي ٿي، ثقافت کاتي جو سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر پيش ٿيو، جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوھيو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻيءَ ڪئي، ان موقعي تي عدالت پاران سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏيڻ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، اهو نوٽيفيڪيشن ڪٿي آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته اهو مسئلو اسان جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو آهي جنهن لاءِ وقت گهرجي ٿو، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به ڪميٽي کي نٿا مڃون، سنڌ حڪومت وٽ ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي، نه ئي اسان حڪومت جي ڪنهن فيصلي کي مڃون ٿا، هڪ ڪلاڪ اندر ڪارونجهر جبل کي هيريٽيج قرار ڏئي نوٽيفڪيشن پيش ڪيو، سرڪاري وڪيل عدالت کان نوٽيفيڪيشن پيش ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جو وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي جنهن بعد عدالت هڪ هفتي جو وقت ڏيندي چيو ته هڪ هفتي اندر نوٽيفيڪيشن جاري ڪري جمع ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سموري لاڳاپيل عملدارن خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي ويندي، عدالت درخواست تي ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Comment