رستم ۾ برادرين جا تڪرار عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 29 جانيون ڳڙڪائي ويا

آگسٽ 28, 2024

رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ٿاڻي جي حد ڪاري ڪلر واري علائقي ۾ جمن جاگيراڻي ۽ لشڪري جاگيراڻي جي ڌرين وچ ۾ 2000ع کان ڪارنھن معاملي تان ڇڪتاڻ ھلندڙ آھي جنھن ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيل نوجوان ۽ ناري سميت ٻنھي ڌرين جا 6 ڄڻا مارجي چڪا آھن ٻئي طرف ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڳوٺ الياس ڪوش ۾ عبدالڪريم ڪوش ۽ ڀيو ڪوش واري ڌرين ۾ 2020ع کان خوني تڪرار ھلندڙ آھي جنھن ۾ عبدالڪريم ڪوش واري ڌر جو ھڪ نوجوان ۽ ڀيو ڪوش واري ڌرين جا ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن ان ڏس ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو آھي ته ساڳئي ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالحق بڊاڻي ڀرسان پراڻي چوپائي مال جي چوري واري مسئلي تان ھادي بخش سبزوئي ۽ مراد علي بڊاڻي وچ ۾ 2010 کان ڇڪتاڻ ھلندڙ آھي جنھن ۾ به ٻنھي ڌرين جو 1-1 نوجوان مارجي ويو آھي ٻئي طرف ساڳئي ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڳوٺ لئه بڊاڻي ۾ ڪارنھن معاملي تان جاڙي بڊاڻي ۽ شير بڊاڻي جي ڌرين ۾ 2017 کان خوني ويڙھه جاري آھي جنھن ۾ جاڙي بڊاڻي واري ڌر جا 6 ڄڻا ۽ شير بڊاڻي جي ڌر جا 2 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن اڃا به ڌرين وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ ھلندڙ آھي علائقي واسين مطابق ٻنھي ڌرين جا ھٿياربند ھڪٻئي مٿان ھر روز فائرنگ ڪندا رھن ٿا. ھوڏانھن محمد آباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مھري ماڙيء ۾ چوپائي مال جي چوريء جي معاملي تان شاھنواز مصراڻي جتوئي ۽ غازي مصراڻي جتوئي جي ڌرين ۾ 2017 کان تڪرار ھلندڙ آھي جنھن ۾ مليل ڄاڻ موجب ھڪئي غازي مصراڻي جتوئي جي ڌر جا 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن ساڳئي محمد آباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ خانڻ مصراڻي ۾ به يعقوب ٻڍل مصراڻي جتوئي وچ ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ آھي جنھن ۾ ھڪ ڄڻو پڻ قتل ٿي چڪو آھي.  ھوڏانھن ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوڙي حليلي ڀرسان وڻن جي مالڪي تان 2 مھينا اڳ ارصلاح حليلي جي ڌر طرفان حملو ڪري خان محمد حليلي جي ڌر جو نوجوان ڏنڊا ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو جيڪو به تڪرار ختم نه ٿي سگھيو آھي ھوڏانھن محمد آباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام سرور جتوئي ڀرسان چوپايو مال ڦر ڪرڻ وقت مزاحمت ڪرڻ تي ڪجھه ڏينھن اڳ ھٿياربندن اسدالله جتوئي کي قتل ڪري سندس 20 مينھون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا جيڪو الزام ڀاڳيو ڪھرياڻي جتوئي جي ڌر تي لڳڻ بعد غلام سرور جتوئي ۽ ڀاڳيو ڪھرياڻي جتوئي جي ڌرين وچ ۾ تڪرار ڀڙڪي پيو آھي جنھن ڪري علائقي واسين طرفان وڏي نقصان ٿيڻ جو پڻ خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي ٻئي طرف خبر ۾ ذڪر ڪيل ساڳئي ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ۾ چوپايو مال چوري ڪرڻ جي مسئلي تان انور بڊاڻي ۽ شاھنواز مصراڻي جتوئي جي ڌرين ۾ 2016 کان خوني تڪرار ھلندڙ آھي جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا 2 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن ان سلسلي سمورن خوني تڪرارن جي خاتمي لاء برداري جي چڱن مڙسن توڙي شڪارپور پوليس جو ڪردار زيرو نظر اچي رھيو آھي جنھن ڪري ڪاروباري ماڻھن جي زندگي اجيرن بڻجي رھي آھي رستم ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ ڏينھون ڏينھن بدامني وڌي رھي آھي. 2000ع کان وٺي ھن وقت تائين خوني تڪرارن جي خاتمي لاء ڪنھن به نوٽيس نه ورتو آھي. ھوڏانھن جھيڙيندڙ ڌرين جي چڱن مڙسن توڙي ايس ايس پي شڪارپور کان ھلندڙ خوني تڪرارن بابت موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندن موقف سامھون نه اچي سگھيو.

تڪرارن سبب ڌريون هٿيارن جي نمائش ڪرڻ لڳيون

رستم: جھيڙيندڙ ڌرين جا ھٿياربند سمورو ڏينھن سرعام روڊ رستن تي ھٿيارن جي نمائش ڪرڻ سميت ايندڙ ويندڙ مسافر ماڻھن کان ڦرلٽ ڪندا رھن ٿا پوليس رڳو ٿاڻن تائين محدود آھي ڳوٺ ٻورڙي اسٽاپ محمد آباغ شھر ڳوٺ عامل مھر ۽ فيضو اسٽاپ ۽ چڪ محمد آباغ روڊ تي قائم يوسف پوليس پڪٽ ڀرسان پنھنجي ڪئمپ قائم ڪري سمورو ڏينھن جھيڙيندڙ ڌرين جا ماڻھو پوليس چيڪ پوسٽن کي ڪراس ڪري ھوٽلن تي ھٿيارن سميت ويٺل رھن ٿا جنھن ڪري ڪاروباري ماڻھن تي خوف وارو اثر ٿئي ٿو جنھن سبب شام جو 6 وڳي کان پھريان ننڍا وڏا ڪاروبار بند ٿي ويندا آھن

تڪرارن سبب علائقن ۾ هٿيارن جو ڪاروبار عروج تي پهتل

رستم : مختلف برادرين وچ ۾ ھلندڙ تڪرارن سبب ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته رستم ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ ھٿيارن جو ڪڌو ڪاروبار به عروج تي پھچي چڪو آھي ڪيترا ئي گروھه سرگرم ٿي ويا آھن جيڪي ذريعن دعوي ڪئي آھي ته بلوچستان واري رستي کان ھٿيار ۽ اسحلو سمگلنگ ڪري مقامي پوليس اھلڪارن جي مداخلت سان جھيڙيندڙ ڌرين تائين پھچائين ٿا جنھن سبب امن امان جي صورتحال بھتر ٿيڻ بدران ويتر بدامني جي باھه ڀڙڪي رھي آھي.

مختلف خوني تڪرارن سبب ڪيترا اسڪول غير فعال بڻيل

رستم: مختلف برادرين وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرارن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ قائم پرائمري اسڪول غير فعال بڻجي ويا آھن جنھن سبب جھيڙيندڙ ڌرين سميت ساڳئي علائقي سان واسطو رکندڙ رھواسين جا ٻارڙا تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل آھن جھيڙيندڙ ڌرين جون ھزارين ايڪڙ زرعي زمينون خوني ويڙھه سبب غير آباد پيل رھن ٿيون مختلف برادرين ۾ ھلندڙ تڪرارن سبب ڌرين جا بزرگ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت 29 کان وڌيڪ ماڻھو قتل ٿيڻ باوجود انتظاميا متحرڪ ٿيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رھي آھي.

Leave A Comment