سنڌ جي گورنر جي تبديلي بابت مشاورت جاري آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ حتمي فيصلو ٿي ويندو: اسحاق ڊار
آگسٽ 12, 2024
اسلام آباد (م ڊ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سنڌ جي گورنر جي فوري تبديلي جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته سنڌ جي گورنر کي فوري طور تبديل نه پيو ڪليو وڃي. هن چيو ته گورنر ڪامران ٽيسوري کي تبديل ڪرڻ جون خبرون ڪوڙيون آهن، انهن ۾ سچائي ڪانهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر بشير ميمڻ کي سنڌ جو گورنر نه پيو بڻايو وڃي. بشير ميمڻ جي حوالي سان خبرون به درست نه اهن. هن چيو ته سنڌ جي گورنر جي تبديلي بابت مشاورت جاري آهي، ان حوالي سان پ پ سان ڳالهايون پيا. نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سان حتمي مشاورت کان پوءِ سنڌ جي گورنر جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو.