سنڌ سميت ملڪ ۾ برسات تباهي آڻي ڇڏي، واقعن ۽ حادثن ۾ ٻارن سميت 21 ڄڻا فوت، سوين گهر ڊهي پيا
آگسٽ 5, 2024
ڪراچي(نمائندن وٽان+م ڊ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، مختلف حادثن ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 21 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا، ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، سوين گهر ڊهي پيا ۽ ڪيترن ئي واهن کي گهارا پئجي ويا، برساتن جي ڪري سنڌ ۾ وونئڻ، کجين ۽ ٻين فصلن کي نقصان پهتو آهي. وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. مليل اطلاعن موجب ملڪ ۾ سانوڻي جا وسڪارا جاري آهن پنجن ڏينهن کان هلندڙ برساتن جي ڪري تباهي ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ برسات سبب مختلف واقعن ۾ ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ برساتن جو پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري وڌيڪ گهر تباهه ٿيڻ جو خدشو آهي. ان سلسلي ۾ باھو کوسو لڳ ڳوٺ حاجي شاھ دوست بنگلاڻي ۾ تيز برسات دوران گھر جي ڇت ڪرڻ سبب گھر اندر ستل 50 ورھين جي عائشه بنگلاڻي زال محمد اسحاق ۽ سندس معصوم پوٽو 4 ورھين جو محمود بنگلاڻي پٽ نويد احمد بنگلاڻي دٻجي فوت ٿي ويا، نينگر جي امڙ 25 ورھين جي نھالان خاتون زال نويد بنگلاڻي زخمي ٿي پئي. ٿاڻو بولاخان ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 65 ورهين جو علي محمد برفت ۽ سندس ننهن 22 ورھين جي شھزادي فوت ٿي ويا، جڏهن ته برسات سبب 60 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا. دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ کنڊو مري ۾ گھر جي ڪمري جي ڇت ڪرڻ سبب ھڪ ئي گھر جا چار گھر ڀاتي دٻجي ويا جن مان 12 سالن جي نينگري طفيلان ڌيءُ ستابو مري فوت ٿي وئي سندس ئي 3 گھر ڀاتي زخمي ٿي پيا. ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، ھيٺانھين وارن علائقن ۾ پاڻي بيھجي ويو، 24 ڪلاڪن کان هلندڙ برسات سبب شهر ۾ بجلي مڪمل غائب آهي. ڀانسنگهه آباد واسي نوجوان ڪاشف مغل برسات ۾ بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي نيٽ جي تار لڳائيندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪري فوت ٿي ويو. ميھڙ جي ڳوٺ علي مراد هيسباڻي ۾ ڪچو گھر ڪري پيو، منٺار علي هيسباڻي سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سندس 10 ورھين جو پٽ رونق علي هيسباڻي دٻجي فوت ٿي ويو، نوري آباد ويجھو برسات سبب مسافر ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ٽرالر پويان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ 26ورهين شفيع محمد بگٽي فوت ٿي ويو، 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، موري لڳ ڳوٺ ڦل خان ٻگهيو ۾ 8 سالا ايان علي برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ٻي طرف گاجي کھاوڙ روڊ تي سم شاخ کي 15 فوٽ کان وڌيڪ گھارو پئجي ويو، جنهن سبب ساريالو فصل لڙهي ويو، جڏهن ته گرڊ اسٽيشن جا 10 فيڊر ٽرپ ٿي ويا. ڀريا سٽي ۾ 5 گهر پٽ پئجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪنڊياري ۾ هڪ گهر ڊهي پيو جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪنڊيارو شھر جي عمر پور محلي ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 9 سالا نينگر حسنين پٽ نصير ڪلهوڙو زخمي ٿي پيو، ڀرياسٽي ۽ آس پاس 20 ڪلاڪن جي برسات تباهي مچائي ڇڏي،8 ڳوٺ، ڳوٺ گل محمد بلر، ڳوٺ دين محمد کرل، ڳوٺ همبر واهه، ڳوٺ پير مهائين، ڳوٺ حاجي هاشم ڪلهوڙو، ڳوٺ مکڻ ڪلهوڙو، ڳوٺ خليفو ابراھيم ڪيريو، کٻڙ سولنگي پاڻي هيٺ اچي ويا، نئون ديرو ٻئي ڏينهن به مينهن جاري رهيو. غريب آباد پاڙي ۾ پورهيت حاجي سومرو جي گهر جي ڇت ڪري پئي. پاڙيسرين ملبي هيٺيان دٻيل ماڻهن کي ڪڍي ورتو. نواب شاھ ۾ مسلسل 10 ڪلاڪ پيل برسات تباھي مچائي ڇڏي، شھر جا علائقا ايسرا پورا، حقاني ٽائون، مجاھد ڪالوني، تاج ڪالوني، دولت ڪالوني، غريب آباد، ڀٽي پاڙو، شيخ پاڙو، اشرف ڪالوني، سميرا ڪالوني ٻڍل شاھ ڪالوني، امير شاھ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، سٺ ميل ۽ آسپاس 12 ڪلاڪ برسات پوڻ کانپوءِ مواصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو، دوڙ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 12 ڪلاڪن تائين تيز برسات پئي، ڄام صاحب، وزيرآباد، جهوڙوخان شر، ملنگ موري سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات بعد پاڻي بيهجي ويو، شاهپورچاڪر ۾ ٻن ڏينهن کان جاري برسات سبب ڪارونهوار ٺپ ٿي ويو، نوشهروفيروز شھر ۽ آس پاس ۾ تيز برسات سول اسپتال سميت شھر کي ٻوڙي ڇڏيو، ڪنڊيارو ۾ مسلسل ٻن ڏينهنن کان وقفي وقفي سان برسات جاري رھي، جنهن سبب شھر جا هيٺانهين وارا علائقا مراد علي شاهه سينٽر، ڪاربلڊنگ، ميمڻ محلو پاڻي هيٺ اچي ويا. ٺاروشاھ ۽ ڀرپاسي جـي علائقن درٻيلو، مڃٺ، ڀورٽي، دليپوٽا ۾ برسات سبب ھيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي آفيس، ڊي ايس پي ھائوس ۽ ٺاروشاھ ٿاڻي اندر گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو آھي، ڦل شهر ۽ آسپاس جي علائقن مسلسل برسات پوڻ بعد هيٺاهين وارو پراڻو ناڪو اسٽاپ، پاڪستان چوڪ ۽ يوسي آفيس ڦل برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا، شھدادپور ۾ 10 ڪلاڪن جي برسات شهري علائقا ٻوڙي ڇڏيا، ٻنا ٻارا هڪ ٿي ويا، کپري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو،گمبٽ ۽ اڳڙا ۾ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان چوماسي جي برسات جاري رهي، جنهن بعد مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پيل برسات سبب وونئڻن ۽ ترن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، پريالوءِ ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، مختلف پاڙن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو، ميروخان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو ، ڊرينيج نظام ناڪارا هجڻ ڪري گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري گندگي پکڙجي وئي موهن جو دڙو ڀرپاسي وارن علائقن جي ڳوٺن ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان هلڪي ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو لاڙڪاڻي ۾ 24 ڪلاڪ هلندڙ وسڪاري شهر کي ٻوڙي ڇڏيو، سرڪاري اسپتالن سميت سرڪاري توڙي خانگي آفيسن، روڊن رستن، چوڪن ۽ ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيهڻ ضلعي ۽ ميونسپل انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي، وسڪاري کان پوءِ سيپڪو وارن شهر جي بجلي بند ڪري ڇڏي، موسميات کاتي وارن 34 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪندي وڌيڪ وسڪاري جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي. ٺل ۾ برسات ميونسپل انتظاميه جي نااهلي جي پت وائکي ڪري ڇڏي، مارڪيٽن، مختلف محلن بلوچ ڪالوني۔سومرا محلا جيلاني گرائونڊ۔شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ به برساتي بيٺل آهي، تعلقه اسپتال جا ڪوارٽر برساتي پاڻي ۾ به ٻڏي ويا. قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ لاڳيتو هلندڙ برسات جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، نيڪال وارو نظام ناڪارا هئڻ ڪري برساتي پاڻي گهرن ۽ دڪانن اندر بيهجي ويو، شهر جي پراڻي ڪورٽن واري علائقي کوسا پاڙي ۽ سونارا محلي جي رستي پاڻي بيهجي ويو، مواصلات جو نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو، برسات جي اطلاع باوجود ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا باقراڻي شهر سميت تعلقي ۾ تيز هوا سان گڏ ٽن ڏينهن کان وٺي وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو جاري رهيو، اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي آفيس ، مختيارڪار باقراڻي آفيس ، نيشنل بينڪ باقراڻي، نادرا آفيس اڳيان گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، بجلي ۽ گئس بند رهي، مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. سيوهڻ ۾ برسات سبب هيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. بهرام ۽ ڀرپاسي ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري برسات عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ڀٽ شاهه ۾ 10 ڪلاڪن جي برسات بعد علائقي ۾ ٻه کان ٽي فٽ پاڻي بيهجي ويو. عثمان شاھ ھڙي ڀرسان ڳوٺ دڙو ساند وٽان راڄ پاري شاخ کي 50 فٽ گهارو پئجي ويو، فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. دادو ۾ برسات سبب شهر جا ڪاروباري مرڪز پاڻي هيٺ اچي ويا، 22 کان وڌيڪ فيڊرن جي 24 ڪلاڪن کان بجلي بند ٿي وئي. سجاول جوڻيجو ۾ مسلسل برسات پوڻ ڪري جايون ٽمي پيون، مال جا واڙا ڪچا منھن ڪري پيا، نيڪال سسٽم درست نه ھئڻ ۽ نالين ۽ کوھ جي صفائي نه ٿيڻ ڪري گھيٽن ۾ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بيھجي ويو. ڪنڌڪوٽ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به تيز طوفاني برسات جو سلسلو جاري رهيو.شهر آبادي ۾ 2 کان 3 فٽ پاڻي بيهجي ويو.بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو.برسات سبب فصلن کي نقصان پهتو، سنڌڙي ۽ ڀرپاسي ڦلھڏيون، ھنڱورنو ۽ گرھوڙشريف ۾ زوردار برسات سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. حيدرآباد شهر ۽ ڀرپاسي 31 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، هيٺانهين وارا علائقا پاڻي جي لپيٽ اچي ويا،گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. 149 فيڊر ٽرپ رهيا . فريدآباد ۾ ڳوٺ ھيٺين اکڪڍائي ويجهو ڌامراهه واھ کي 25 فوٽ جو گهارو پئجي ويو، شھدادڪوٽ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان تيز برسات سبب شھر ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، مواصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو شھري توڙي ٻھراڙي جا ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. نيوسعيدآباد، ٽنڊوڄام، سڪرنڊ، قاضي احمد، شهدادپور، ٽنڊو آدم، دريا خان مري، مورو، ۽ ٻين شهرن ۾ برسات سبب بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، ماڻهن گهرن تائين محدود ٿي ويا. ٻئي طرف بلوچستان ۾ برسات جو مضبوط سسٽم موجود آهي جنهن سبب 22 ضلعن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. سسٽم 6 آگسٽ تائين موجود رهندو جنهن سبب خضدار، لسٻيلي، آواران، پنجگور، بارکان، ڪوئيٽا، مستونگ، سبي، ڪوهلو ۽ ٻين هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڍنڍن ۾ چاڙهه ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. تازو برساتن دوران کنوڻ ڪرڻ ۽ مختلف حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت ۽32 زخمي ٿيا، برساتن ۽ وهڪرن سبب 263 گهرن کي نقصان پهتو 91 گهر ڊهي پٽ ٿي ويا. 312 ايڪڙ فصل ۽ 19 ڪلوميٽر روڊ متاثر ٿيا جڏهن ته 106 ڍور مري ويا. پي ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به امڪاني خطري کي ڏسندي غير ضروري سفر ۽ ڍنڍن ويجهو گذرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.