ملڪ تي اقليت حڪومت ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي حڪومت جو حصو نه آهي: جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان

جُون 26, 2024

ملڪ تي اقليت حڪومت ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي حڪومت جو حصو نه آهي، حڪومت سمجهي ٿي ته عوام دوست بجيٽ آهي، حقيقت اها آهي ته ملڪ جو ڪٻاڙو ڪيو ويو آهي: جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جون پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون، بعد ۾ قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي وزيراعظم تازو چين جو دورو ڪيو، سفارتي لحاظ کان اسان جو وزيراعظم ڪامياب نه ٿي آيو، چين جا مهمان آيا ۽ هنن چيو ته پاڪستان ۾ عدم استحڪام آهي، چين مان آيل مهمان چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جون حالتون ٺيڪ نه آهن، لڳي ٿو ته آپريشن جي ذريعي چين جي ڳالهه پوري ڪئي پئي وڃي، ان تي اسٽيبلشمينٽ جو موقف واضح نه آهي

Leave A Comment