فصلن کي تمام گهڻو پاڻي ڏئي رهيا آهيون، آبادگارن کي خبر ئي ناهي ته ڪيترو پاڻي گهرجي: محقق
سيپٽمبر 4, 2024
ٽنڊوڄام (ن پ ا) آبپاشي ۽ مٽي جي ماهرن چيو آهي ته گذريل ٽن ڏھاڪن کان سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ ۽ ووئنڻ جي فصلن جي پاڻي جي گھرج جو درست اندازو ئي ناھي لڳايو ويو، ان ڪري ڪڻڪ ۽ ووئنڻ جي فصلن کي گھربل پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ گهٽ اونھائي واري جر جي پاڻي جي اهميت تي تحقيق جي ضرورت آهي، اھڙي قسم جي خيالن جو اظھار ھنن سنڌ زرعي يونيورسٽي جي، لينڊ اينڊ واٽر مينيجمينٽ شعبي جي اسڪالر نذر گل جي “جر جي پاڻي جي مختلف سطحن تحت، ڪڻڪ ۽ وونئڻن جي فصلن جي پاڻي جي گھرج” بابت حتمي پي ايچ ڊي سيمينار دوران ڪيو، سيمينار جي صدارت وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ڪئي، سيمينار دوران پي ايچ ڊي اسڪالر نذر گل پنهنجي ڪيل تحقيق جو مقالو پيش ڪندي چيو ته ڪڻڪ ۽ وونئڻ سنڌ جا اهم فصل آهن، پر گذريل ٽن ڏھاڪن کان سنڌ ۽ پنجاب ۾ فصلن کي گھربل پاڻي جو تعين ناهي ڪيو ويو، جنھن جي ڪري عالمي گرمي پد ۽ نون فصلن جي جنسن لاءِ پاڻي جي گھرج توڙي جر جي پاڻي جي معيار تي اثر پئجي سگھي ٿو، ھن وڌيڪ ٻڌايو ته فصلن کي پاڻي جي گھرج بابت ڄاڻ جي گهٽتائي سبب، آبادگار غير ضروري طور تي پنهنجي فصلن کي واڌو پاڻي ڏئي رهيا آهن، جنهن سان نه صرف قيمتي تازو پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، پر جر جي پاڻي جي سطح بلند ٿي رهي آهي، جنهن سبب پاڻي جي نيڪاسي ۽ لوڻياٺ جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ وونئڻن جي اهم فصلن جي پاڻي جي ضرورتن جو تعين ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، ھن تحقيق سان نه صرف آبادگارن جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو، پر پاليسي سازن کي پڻ رهنمائي مهيا ٿيندي، ته جيئن هو فارم جي سطح تي پاڻي جي وسيلن کي مختص ڪندي، جر جي پاڻي جي ڪردار کي به سامھون رکي سگھندا، ٻاھرين مبصر طور ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري جي ڊائريڪٽر يو ايس-پاڪ سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز ان واٽر، پروفيسر ڊاڪٽر ڪامران انصاري خطاب ڪندي فارم سطح تي آبپاشي جي ترتيب ٺاهڻ ۽ پاڻي مختص ڪرڻ ۽ جر جي پاڻي جي ڪردار کي اهميت تي زور ڏنو، سيمينار ۾ وڏي تعداد ۾ استادن، شاگردن ۽ ماھرن شرڪت ڪئي ۽ سوالن جوابن جي ويھڪ ۾ حصو ورتو.