ٺٽي ضلعي ۾ ايڊز جي خطرناڪ بيماري پهچي وئي، 16ڄڻا مبتلا هئڻ جو انڪشاف

جُولاءِ 12, 2024

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) ٺٽي ۾ 16 ڄڻن جي موذي بيماري ايچ آءِ وي ( ايڊز) ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ان ڏس ۾ سول اسپتال ٺٽو جي ايچ آءِ وي (ايڊز) جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شيام ڪمار پنهنجي اخبار کي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هلندڙ سال جي جنوري مهيني کان جون  تائين 6مهينن ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ بعد 16ڄڻن جي ايچ آءِ وي پازيٽو رپورٽ آئي، هن چيو ته ٺٽي ۾ تيزي سان ايچ آءِ وي مرض وڌي رهيو آهي جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي

هن چيو ته ايچ آءِ وي جي دوائن جي مهانگي هجڻ ڪري ايچ آءِوي ۾ مبتلا مريض پريشان آهن، جڏهن ته اسڪريننگ جي سهولت گھٽ هجڻ ڪري وڌيڪ ايچ آءِوي جي اسڪريننگ نه پئي ٿي سگھي، هن چيو ته جيڪڏهن وڏي پئماني تي اسڪريننگ ڪئي وڃي ته انگ ۾ وڏي پئماني تي اضافي اچڻ جو امڪان آهي

هن چيو ته ايچ آءِوي ۾ مبتلا مريضن جي نالن ۽ انهن جي علائقن کي راز ۾ رکيو ويو آهي، ايچ آءِ وي ۾ مبتلا مريضن کي وڌيڪ احتياط ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن ته جيئن هو پنهنجي استعمال خاص شيوو جي بليڊ ۽ رت ٻين کي نه ڏيڻ سان گڏ ٻيون هدايتون ڪيون ويون آهن، هن تصديق ڪندي چيو ته ٺٽي ۾ 16ڄڻن جي ايچ آءِ وي پازيٽو رپورٽ اچڻ بعد انهن جي نالن کي راز ۾ رکندي سندن علاج به ڪيو پيو وڃي

لاڳاپيل پوسٽون

  • هندو ڀينرن ۽ نينگر جي بازيابي لاءِ ڪٺ

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو