ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) متحده ڪراچي ۾ بدامني تي ڳڻتي ظاهر ڪندي شهر جا انتظام وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي
ان ڏس ۾ متحده سان لاڳاپيل سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ علي خورشيدي، نسرين جليل ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو ايم ڪيو ايم جو ناهي، انهن وزيرن کي شرم اچڻ گھرجي، جيڪي امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ جا بيان ڏئي رهيا آهن
هنن چيو ته 3 مهينن ۾ 59 شهري اسٽريٽ ڪرمنلز هٿان شهيد ٿيا آهن، جيڪي شهري ڦورن سان مهاڏو اٽڪائيندي مري ويا آهن، انهن جي وارثن کان پڇا ڪئي وڃي ته مٿن ڪهڙي قيامت گذري رهي آهي؟
هنن چيو ته هلندڙ سال دوران 400 کان وڌيڪ گاڏيون چوري ٿيون آهن، پوليس پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي آهي
متحدا اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافي خلاف سنڌ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿاريو ويندو، ڏوهه گھٽائڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ وفاق جي به ذميواري آهي
سندن چوڻ هو ته ڇا وفاق وڌيڪ لاشن جو انتظار ڪري رهيو آهي؟ وڌيڪ لاش ڪِرڻ بعد ئي وفاق سنجيدگي جو مظاهرو ڪري مداخلت ڪندو؟ اسان کي هاڻي روڊن تي اچڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي
پريس ڪانفرنس ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ نسرين جليل چيو ته هاڻي اسان جنازا کڻي ٿڪجي پيا آهيون، شهر ۾ هر پاسي خوف جو ماحول آهي، اسان ڪهڙي ماحول ۾ ڪيئن پيا رهون ؟
ڪراچي آپريشن وقت وڏيون رڙيون متحده جون نڪتيون هيون: ناصر شاهه
صوبائي وزير ناصر شاھ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اهڙا مطالبا نه ڪري، جنهن سان اها پاڻ به متاثر ٿئي، ڪراچي آپريشن دوران سڀ کان وڌيڪ رڙيون به ايم ڪيو ايم وارن جون نڪتيون هيون
هن چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن هلندڙ آهي پر ايم ڪيو ايم وارا هڪ ٻولي ڳالهائيندڙن لاءِ چون پيا ته اهي ڏوهن ۾ ملوث آهن
ناصر شاهه چيو ته متحدا جا اهڙا بيان نفرت جي سياست ڪرڻ لاءِ ئي آهي، ڏوهارين جي نه ڪا ٻولي هوندي آهي نه ئي ڪو مذهب هوندو آهي
ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪچي توڙي پڪي ۾ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي پر نفرت جي سياست ڪرڻ وارا رڳو پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ الزام لڳائي رهيا آهن
گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس جي ردِ عمل ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ٿيا، ڪجهه مقابلن ۾ ماريا ويا آهن
هن چيو ته ڪراچي ۾ ڦرلٽ ڪندڙ ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ايم ڪيو ايم رڳو نفرت جي سياست ڪري ٿي، هڪ پاسي مڪاني ادارن جي مضبوطي جون ڳالهيون ته ٻئي پاسي وري صوبو وفاق حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي
هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا جڏهن اندروني طور تي ورهائجي ويندا آهن ته سندن حواس وڃائجي وڃن ٿا ۽ اهڙا بيان ڏيڻ شروع ٿي ويندا آهن، اسان اهڙن غير سنجيده ماڻهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ بجاءِ پنهنجو عملي ڪم ڪندا آهيون، اسان سندن ماضي جي ڳالهه ڪئي ته سندن ننڊون حرام ٿي وينديون