پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو فيصلو: قانوني ٽيم عدالتي فيصلي ۾ رنڊڪ جي نشاندهي ڪري : اليڪشن ڪميشن

جُولاءِ 20, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي قانوني ٽيم کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ۾ ڪا به رنڊڪ آهي ته هو فوري طور ان جي نشاندهي ڪن ته جيئن وڌيڪ رهنمائي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن رجوع ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد بابت اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به فيصلي جي غلط تشريح نه ڪئي. مختلف فورمز اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکيو. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن صحيح نه هئي. نتيجي طور بيٽ جو نشان واپس ورتو ويو ان ڪري اليڪشن ڪميشن تي الزام هڻڻ انتهائي نامناسب آهي

ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ جي نامزد ڪيل 39 ايم اين ايز پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ جو قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ڪنهن به پارٽي جو اميدوار هجڻ لاءِ پارٽي پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊڪلريئشن ريٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائڻ ضروري آهي جيڪو اميدوارن جمع نه ڪيو هو. ان ڪري ريٽرننگ آفيسرن لاءِ ممڪن نه هو ته هو انهن کي پي ٽي آءِ اميدوار قرار ڏين

انهن کي اميدوارن کي آزاد اميدوار قرار ڏنو ويو آهي. هنن پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ نه پي ٽي آءِ جو ذڪر ڪيو، نه ئي پارٽي سان وابستگي ظاهر ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن پارٽيءَ جي ٽڪيٽ جمع ڪرائي ان ڪري ريٽرننگ آفيسرن انهن کي آزاد حيثيت سان چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني. اليڪشن کٽڻ کانپوءِ اهي ايم اين اي رضاڪارانه طور تي ٽن ڏينهن اندر سُني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿي ويا

سُني اتحاد ڪائونسل اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. سني اتحاد ڪائونسل جي اها اپيل رد ڪئي وئي. پي ٽي آءِ ان ڪيس ۾ نه ته اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي هئي، نه پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ ۾ پارٽي هئي

اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي معزز ميمبرن تي هڪ سياسي پارٽي طرفان ڪميشن تي مسلسل ۽ غير ضروري تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي مذمت ڪرڻ سان گڏ رد ڪري ڇڏيو. ڪميشن کان استعيفيٰ جو مطالبو مذاق آهي. ڪميشن ڪنهن به قسم جي دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪندي رهندي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ