سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ جو فيصلو: ايندڙ هفتي قانونسازي جو امڪان

آگسٽ 28, 2024

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان ايندڙ هفتي اهم قانون سازي جو امڪان آهي. ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ جي ججن جي انگ ۾ واڌ پرائيوٽ ميمبر بل ذريعي ڪئي ويندي ۽ ڄاڻايل بل تحت سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ لاءِ 1997 واري ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي ويندي. ججن جو انگ وڌائڻ بابت مسودي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ججن جي انگ بابت ايڪٽ جي سيڪشن 2 ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آهي، حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 17 مان وڌائي 23 ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ ان تجويز تحت سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ چيف جسٽس کانسواءِ ٻين 22 ججن تي ٻڌل هوندو. ڄاڻايل بل ايندڙ هفتي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو، حڪمران پارٽي مسلم ليگ نون جو اسيمبلي ميمبر بئرسٽر دانيال چوڌري بل پيش ڪندو.

Leave A Comment