سڄي ملڪ ۾ بجلي سستي ڪرڻ جو فيصلو: وفاق ۽ صوبن ۾ اڌو اڌ فنڊنگ وارو فارمولا تيار
سيپٽمبر 3, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب حڪومت ناڪاره پاور پلانٽس کي بند ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وقت رقم ادا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، جڏهن ته آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني ۽ ڪجهه پاور پلانٽس جي مقامي قرضن ذريعي ادائيگي منصوبي جو حصو آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري پاور پلانٽس جي منافعي ۾ گهٽتائي به وفاقي حڪومت جي منصوبي جو حصو آهي. بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ وفاق ۽ صوبا گڏجي فنڊنگ جو انتظام ڪندا، جڏهن ته منصوبي تحت وفاق ۽ صوبن وچ ۾ 50/50 فنڊنگ وارو فارمولو لاڳو ڪيو ويندو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وفاق ۽ صوبائي حڪومتون 2800 ارب روپين جي فنڊنگ جو بندوبست ڪنديون جنهن مان 1400 ارب وفاق ۽ 1400 ارب صوبائي حڪومتون اين ايف سي تحت پنهنجي حصي مان ڪٽرائينديون. جڏهن ته منصوبي تحت پنجاب کي 699 ارب، سنڌ کي 351 ارب ۽ خيبرپختونخواهه کي 231 ارب ڏيڻا پوندا. ذريعن موجب پاور سيڪٽر جي گردشي قرضن جي هڪدم واپسي به منصوبي جو حصو آهي، جنهن سان ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ اضافي بار ختم ڪيو ويندو. حڪومت ان قدمن تحت آءِ پي پيز سان به ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائي رهي آهي، آءِ ايم ايف کان منصوبي لاءِ گرين سگنل ملندي ئي عملي قدم شروع ڪيو ويندو.