جهڏي ۾ پراڻ ڍوري جون تباهڪاريون، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ، ڳوٺاڻا روڊن تي ويٺل، واهر نه ٿي
سيپٽمبر 2, 2024
جهڏو (رپورٽ: سريش ڪمار) جهڏي ۾ تازو پيل برساتن بعد پراڻ ڍوري ۾ چاڙهه سبب يونين ڪائونسل مير خدابخش ۽ يونين ڪائونسل مير الهبچايو ۾ اوور ٽاپ ٿيڻ سبب ڳوٺ الهبچايو ڪپري، مريد لغاري، شريف لغاري، ڪيول مڪواڻو، رشيد آرائين، سيف الله جٽ سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ واهن ۽ شاخن جي ڪپرن ۽ روڊن تي عارضي تنبو ۽ جھوپڙا اڏي ويهي رهيا، جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل مرچ، ڦٽي، بصر ۽ ٽماٽي جو فصل تباھ ٿي ويو آهي، انتظاميا متاثر ڳوٺاڻن جي مدد نه ڪئي آهي، متاثرن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي رليف جو ڪم شروع ڪيو وڃي.