معاشي بحران نواز آندو، ميان صاحب توهان ڊيل ڪري ڀاءَ ۽ پٽ لاءِ حڪومت ورتي: پي ٽي آءِ
آگسٽ 17, 2024
لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر چيو ته نواز شريف اڄ ٽي وي تي آيو ۽ عوام کي هڪ دفعو ٻيهر گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، معيشت ۽ سياست جي باري ۾ نواز جيڪي نقطا اٿاريا ان جو جواب ڏيڻ چاهيان ٿو
پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته نواز چوي ٿو سندس دور ۾ ڊالر 105 جو هيو پر هن جهڙي طرح ڊالر کي 105 تي رکيو ان جي ڪري ئي 2017 ۾ معاشي بحران ٿيو، توهان جي پيدا ڪيل بحران کي باني پي ٽي آءِ عمران خان پنهنجي حڪومت ۾ سنڀاليو
حماد اظهر وڌيڪ چيو ته بجلي جي قيمت وڌڻ جو سبب اهي مهانگا معاهدا آهن جيڪي نواز شريف جي دور ۾ ڪيا ويا، ميان صاحب توهان ڊيل ڪري ڀاءَ ۽ پٽ لاءِ حڪومت ورتي، توهان پنهنجي اقتدار لاءِ عوام کي مصيبتن جي ور چاڙهي ڇڏيو