سنڌ ۾ وڏي وزير جي چونڊ اڄ ٿيندي، مراد علي شاهه ۽ علي خورشيدي وچ ۾ مقابلو ٿيندو

فيبروري 26, 2024

اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ به نئين وڏي وزير جي چونڊ ٿيندي، وڏ وزارت لاءِ پيپلزپارٽي جو مراد علي شاهه ۽ ايم ڪيو ايم جو علي خورشيدي ميدان ۾ لٿل، منجهند 2 وڳي طلب ڪيل اجلاس ۾ وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿيندي، گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جو اويس قادر شاهه 111 ووٽ کڻي اسپيڪر ۽ نويد انٿوني ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويا هئا، اڄ نادر مگسي جي حلف کڻڻ بعد مراد علي شاهه کي وڏي وزير طور 112 ووٽ ملڻ جا امڪان، سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 9 ميمبرز پاران وڏي وزير جي چونڊ واري عمل جي بائيڪاٽ جو اعلان

Leave A Comment