اليڪشن وڪرو ٿي، ڪنهن پئسا ورتا؟ خبر اٿم، عمران چور ناهي، حڪومت گهڻو نه هلندي، مارشل لا لڳي سگهي ٿو: پير پاڳارو
فيبروري 17, 2024
ڄامشورو (رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي) جي ڊي اي پاران عام چونڊن جا نتيجا رد، اليڪشن ۾ ڌانڌلي خلاف وڏو ڌرڻو، 8 ڪلاڪن تائين ايم نائن موٽروي بلاڪ، اليڪشن نتيجن خلاف اڳواڻن پاران سخت مزاحمت ڪرڻ جو فيصلو، ٻيھر اليڪشن ڪرائڻ تائين احتجاج کي جاري رکڻ رکندي 20 فيبروري تي موري ۾ ڌرڻي جو اعلان، ڄامشوري ۾ جي ڊي اي جي سڏ تي هزارين ماڻهون جو مجموعو گڏ ڪري اليڪشن نتيجن ۽ نئين ٺهندڙ حڪومت خلاف مزاحمت جو اعلان ڪندي اسٽيبلشمينٽ ۽ عدالت کان هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتي نگراني ۾ اليڪشنز ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڄامشوري ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي پيرپاڳاري چيو ته 3 مهينا اڳ اليڪشن جي رزلٽ ملي وئي هئي ۽ پيمنٽ به جن جن کي ملڻي هئي انھن کي ٿي وئي، فيڊريشن جي رکوال فوج آهي ڪا به پارٽي قومي ليول تي ناهي رهي سڀ صوبائي سطح تي اچي ويا آهن مان انھي لاءِ گذريل ٽن مهينن کان گھر ۾ رهيس، احتجاج اسان جو آئيني حق آهي اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلي خلاف احتجاج آهي باقي فوج اسان جي آهي، سياست کان آئون انهي لاءِ پري آهيان ته جيڪو گهڻو ڪوڙ ڳالهائڻ ڄاڻي سو سٺو ليڊر ثابت ٿو ٿئي، جيڪي اسان جي ملڪ جو فيصلو ڪندا آهن انهن کي سوچڻ گهرجي ته اسان وٽ ڪو به قومي ليڊر ناهي بچيو، اسان جي فوج نه هجي هان ته اسان جون به حالتون خراب هجن ها، اسان سڪون سان آهيون فوج بارڊر ۽ سرحدون کي سنڀالي رهي آهي انھي لاءِ اسان سڪون ۾ آهيون، انٽرا پارٽي اليڪشن جئين پي ٽي آءِ ڪرايون ائين ئي نون ليگ ۽ پ پ به ڪيو، اليڪشن ڪميشن زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو، هن اليڪشن ڪميشن ۾ جيڪا خريدو فروخت ٿي آهي انھي تي اليڪشن ڪميشن ڇو خاموش آهي، چون ٿا ته عمران خان چور آهي ڇا عمران خان کان اڳ آيل حڪمرانن توشاخاني مان ڪجهه نه ورتو، ٻئين حڪمرانن ته گاڏيون به ورتيون پر منھنجي نظر ۾ عمران خان چور ناهي، انسان کان غلطيون ٿي وينديون آهن عمران خان چور آهي ته پو اسان سڀ به چور آهيون، ٻوڏ کي روڪيو ويندو ته اهو ٻيا رستا اختيار ڪندو، سيلاب کي روڪڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آزاد اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيا، نوجوانن وڏو انقلاب آندو آهي، اليڪشن ۾ جيڪي اميدوار بيٺا جن جي ڪا خبر نه هئي ته ڪنھن جو ڪهڙو نشان آهي انھي هوندي به اهي ڪامياب ٿيا، اسان وٽ انصاف ناهي، مون اخبار ۾ پڙهيو هو ته سپريم ڪورٽ ۾ اپيل 10 سالن کانپو ٻڌي ويو ۽ ڪورٽ حڪم ڏنو ته جوابدار کي آزاد ڪيو پر جيلر ٻڌايو ته قيدي کي ڦاسي گھڻو وقت اڳ ڏئي چڪا آهيون، هي حڪومت 8 يا 10 مهينن کان وڌيڪ نه هلندي، گذريل 20 مهينن ۾ جيڪا حڪومت هئي انهي سان مهانگائي آسمان تي پھتي، هاڻ وري مهانگي ٿيندي، انهي سان مڊل ڪلاس ماڻهو ختم ٿي ويندو، معاشري کي مڊل ڪلاس ماڻهو ٿو هلائي مڊل ڪلاس ويو ته معاشرو به ويندو، فوج سڀن کي آزمائي ورتو آهي ٿي سگهي ٿو مارشلا لڳي هي نيشنل ۽ انٽرنيشنل سطح تي ظاهر ٿيا آهن،هن اليڪشن کي ڪير تسليم ڪندو اسان جي فوج ۽ ججن جي خدا رهنمائي ڪري، جڏهن ته ڌرڻي کي خطاب ڪندي صدرالدين شاھ راشدي چيو ته جنھن وقت تائين عوام جو مينڊٽ واپس نه ٿيندو تيستائين جدوجهد جاري رهي رهندي، ڪورٽ سوموٽو نوٽيس وٺي ڪجهه به ٿيو انهي جو الزام ادارن اليڪشن ڪميشن تي ايندو،ٽن ڏينھن کان ٽي وي تي ليلا مجنون پريس ڪانفرنس ڪري الائي ڇا ٿا چون، پير صاحب پاڳارو جيڪو ڪروڙين ماڻهون جو مرشد هجي اهو پاڻ فيصلو ڪندو اسان وٽ ميجارٽي آهي، هاڻي به اگر هوش ۾ نه آيا ته خبر ناهي الائي ڪڏهن ايندا ۽ اڃان ڪيترا گهر اجاڙيندا هر شي جي حد هوندي آهي، ايندڙ هفتي ۾ پاڪستان جي مستقل جو سٺو فيصلو ٿيندو. اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو ته پولنگ اسٽيشن راتو رات ۾ چينج ٿي رهيا هئا هتي ڪو نظام ناهي ڪير پڇي نٿو سگهي، هي چوٿون اليڪشن آهي جيڪو هڪ ئي ڌر جي مسلسل حمايت ۾ آهي، اسان جو مطالبو آهي ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ وڃي. جنھن ۾ اليڪشن ڪميشن اڻ ڌري ٿي ۽ اسٽاف نيوٽرل هجي. لياقت جتوئي جو چوڻ هو ته اسان پڇڻ چاهيون ٿا ته 8 فيبروري تي اليڪشن هئي يا ڌانڌلي، جيڪڏهن ڌانڌلي هئي ته انهي جي پٺيان ڪير هو،اسان هن اليڪشن کي رد ڪيون ٿا جيڪا بوگس اليڪشن سنڌ مٿان مڙهي وئي آهي پنهنجي حقن لاءِ پير پاڳاري جي اڳواڻي ۾ گڏ آهيون، اسان مزاحمت ڪنداسين، قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته ٿيل اليڪشن سنڌ جي وجود خطري سان گڏوگڏ ملڪ کي خانا چنگي طرف وٺي وڃڻ آهي، جنهن سان سنڌ کي نقصان ٿيندو، اوهان هلڻ چاهيو ٿا ته جهموري طريقي سان هلو اسان جون زمينون تي قبضو ڪيو وڃي اسين خاموش ويهون ائين نه ٿيندو.سائرا بانو چيو ته اسان جي محبت کي ڪمزوري نه سمجهيو اسان کي ملڪ ۽ قوم سان پيار آهي جنهن جي اسان کي حفاظت ڪرڻ به اچي ٿي ۽ غلط نظر کڻندڙ کي سبق سيکارڻ به اچي ٿو. اسان رياست کي ٿا چون ته ائين نه ڪن اسان جا حر بارڊر جي هن پار به آهن جن جي ايجنٽا ملڪ لٽڻ هجي انهن حوالي ملڪ نه ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجو چيو ته هتي جج ڊنل آهن اتي سنڌ جو عام ماڻهو به ڊڄي ويندو پر اسان هتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي اعلان ڪيو آهي ته سنڌ جھڙي لاءِ تيار آهي، اليڪشن جو ووٽ اختيار ڏيندو آهي ته اوهان مستبقل جو فيصلو ڪندو آهي هنن سنڌ جي اميد کسي ڇڏي آهي هنن سمجهو ته انهي سموري بيواجبي تي سڀ ماٺ ڪري ويهندا پر ائين ناهي ڪير به اسان جي حوصلي کي نٿو ماري سگھي. اسين حق جي جنگ لاءِ تيار آهيون سنڌ کي ٻڪرو سمجهيو ويو آهي. جن سنڌ لٽي آهي انهن سان جھيڙو ٿيندو سنڌ اڄ اعلان ٿي ڪري ته پاڪستان اسان جو آهي پاڪستان اسان جو اسان پاڪستان کي ٺاهيو آهي سنڌ کي ڪنهنجو پي ڪلهي تي رکي نه کڻي آيو آهي. راشد محمود سومرو چيو ته سورهه بادشاھ جي واقعي کي ٻيهر دهرائڻ جو وقت اچي ويو آهي. سورهه بادشاھ انگريزن کي ڀڄايو اسان هنن کي ڀڄائينداسين. سنڌ ڪنهن جي جاگير ناهي اسان سنڌ کي لٽڻ جي اجازت نه ڏينداسين. جماعت اسلامي اڳواڻ حافظ نعيم چيو ته هن کي اسان مٿان مڙهيو ويو آهي لوٽ مار وارو راج هاڻي نه هلندو هي تحريڪ اڳيان هلندي. جلسي کي ڊاڪٽر صفدر عباسي، فهميده مرزا، مرتضيٰ خان جتوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.