بلوچستان ۾ عليحدگي جو ماحول ٺاهيو ويو، بندوق کڻندڙن جو بندوبست ڪنداسين: حڪومت
آگسٽ 31, 2024
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينا ۾ بلوچستان صورتحال جو ذڪر، حڪومت چيو آهي ته دهشتگردن انتها ڪري ڇڏي، حملن سان بلوچستان عليحدگي جو ماحول ٺاهيو ويو، بندوق کڻندڙِن جو بندوبست ڪيو ويندو، اپوزيشن پاران چيو ويو آهي ته طاقت جا سٺا نتيجا نه نڪرندا، اڳي پوءِ ڳالهين جي ميز تي ئي اچڻو پوندو
رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي دشمنن سان ڳالهيون نه ٿينديون، کين عبرت جو نشانو بڻايو ويندو، بلوچستان ۾ دهشتگردي جي انتها ڪئي وئي، ڪجهه ٻاهران ماڻهو بلوچستان ۾ نفرت جو ٻِج ڇٽَي رهيا آهن، دهشتگرد کي پرڏيهه مان مدد حاصل آهي، فوج سان گڏجي دشمن قوتن کي ختم ڪيو ويندو
وزيراعظم چيو آهي ته بلوچستان ۾ سياسي اڳواڻن ٻڌايو ته ڪجهه نوجوانن کي ڊڪٽيٽ ڪيو پيو وڃي، نوجوانن کي ورغلائيندڙن کي ناڪامي ٿيندي، حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ بلوچستان جي وڏي وزير جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي
وزيراعظم چيو ته 26 آگسٽ تي اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو، ڄڻ بلوچستان ۾ علحدگيءَ جي تحريڪ هلندي هجي، دهشتگرد پاڪ-چين دوستي ۾ ڏار وجهڻ چاهين ٿا، پاڪ فوج جا جوان ڏينهن رات دهشتگردن جو پيڇو ڪري رهيا آهن، بلوچستان جو عوام محب وطن آهي، هو چاهي ٿو ته ترقيءَ جو ڦيٿو تيزيءَ سان ڦِري، گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جو دورو ڪري امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو، شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي، کين دلجاءِ ڏني ته حڪومت ۽ عوام اوهان سان گڏ آهي
بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ايس سي او ڪانفرنس کي خراب ڪرڻ جي پلاننگ آهن
هوڏانهن سينيٽ ۾ خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته 26 آگسٽ تي بلوچستان ۾ دهشتگردي جو واقعو معمولي ناهي، ان لاءِ منصوبابندي تحت ڪيو ويو
بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ايس سي او ڪانفرنس کي خراب ڪرڻ جي پلاننگ آهن
هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي پٺيان ڪير آهي، واقعي ۾ ٻه ٽي گروپ ملوث آهن، هي واقعو شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس کي خراب ڪرڻ جي سازش آهي، جنهن سان ڪيترن ئي ماڻهن کي تڪليف آهي ته ايس سي او نه ٿئي پر اسان ايس سي او جي ميزباني ڪنداسين
پارليامينٽ سپريم آهي، ڪو به آپريشن نه ٿي رهيو آهي، جيڪي رياست کي نه ٿا مڃين ۽ بندوق کڻن ٿا، اهي دهشتگرد آهن، انهن جو بندوبست ڪيو ويندو، پاڪستان کي مڃڻ وارن کي اکين تي ويهاريو ويندو. انهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين
طاقت جا سٺا نتيجا نه نڪرندا، اڳي پوءِ ڳالهين جي ميز تي ئي اچڻو پوندو: اپوزيشن
سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز چيو ته بلوچستان جي مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو، صرف طاقت جي استعمال جا نتيجا صحيح نه هوندا، حقيقي اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلڻو پوندو
هن چيو ته جيڪڏهن حقيقي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ رڳو طاقت تي ڀروسو ڪيو ويندو ته ان جا نتيجا سٺا نه نڪرندا، جنگ جي آخر ۾ به ڳالهين جي ميز تي ئي ويهڻو پوندو آهي، بلوچستان جي مسئلن جو سياسي حل ڳولڻ لاءِ حقيقي اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلڻو پوندو ۽ طاقت جي استعمال کي ترڪ ڪرڻو پوندو
گهرو وزير پريشان ڪندڙ ڳالهه ڪئي ته بندوق کڻندڙن جو بندوبست ڪيو ويندو، ڪير پاڪستاني آهي ۽ ڪير ناهي، اهو معاملو ايترو سادو ناهي، بلوچستان تبديل ٿي چڪو آهي، هاڻي هو تمام گهڻو باخبر آهن، اسان کي بلوچستان جي حقيقي نمائندن کي گڏ کڻي مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي
شبلي فراز چيو ته دهشتگرد افغانستان ۾ آهن ته اسان کي ڪابل سان ڳالهائڻو پوندو، افعانستان جو سفارتي بليڪ آئوٽ اسان جي مفاد ۾ ناهي، هاڻوڪي ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير افغانستان جو هڪ به دورو نه ڪيو
سينيٽ اجلاس ۾ ٻين ميمبرن پاران بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي
اي اين پي سينيٽر عمر فاروق چيو ته وفاقي وزير چوي ٿو بلوچستان هڪ ايس ايڇ او جي مار آهي، پرويز مشرف به چوندو هو ته اوهان کي هتان کان مارينداسين، اڄ اسان ان جي ڪري ڀوڳي رهيا آهيون، بلوچستان جي ايس ايڇ او کي ڇڏيو، پهرين ڪچي مان پنهنجون بڪتربند گاڏيون واپس آڻيو، ڪچي جا ڌاڙيل 12-12 اهلڪارن کي قتل ڪن ٿا، پهرين اُتي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪرايو
هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته بلوچستان جي باري ۾ چئو ٿا ڪو مسئلو ناهي، بلوچستان ۾ مايوسي پکڙجي رهي آهي، جيڪا ڳالهه خوفناڪ آهي.