موهن جي دڙي لڳ سنڌو درياهه ۾ چاڙهه، زمينداري بند ٽٽي پيو، ڳوٺ ۽ فصل ٻڏي ويا
آگسٽ 27, 2024
موهن جو دڙو(رپورٽ: معشوق ڏيرو)موهن جو دڙو ڀرسان سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب ڪچي جي ڳوٺن ۽ فصلن کي ڏنل زمينداري بند ٽٽي پيو، 10 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل ترن جو فصل ٻُڏي ويو، جڏھن ته ڳوٺ محمد اقبال ممڻاڻي کي ڏنل زمينداري بند ٽٽڻ سبب سوين ايڪڙ فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي، ڳوٺاڻن کي لکين رپيا نقصان ٿيو آھي، جڏھن ته ڳوٺ شاھن بيھڻ، مور ممڻاڻي، شمن ممڻاڻي، علي شير ممڻاڻي، مولا بخش ڪلھوڙو، عثمان ممڻاڻي ۽ ٻيا ڳوٺ ٻڏي ويا آھن، هوڏانهن علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آھي، ٻيڙيون نه ھجڻ جي صورت ۾ سخت ڏکيائن سان منھن ڏيڻ جون دانهون ڪندا رهيا، جڏھن ته متاثر ڳوٺاڻن کي انتظاميه محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪا به مدد نه ٿي ڪري، هوڏانهن ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته اسان سخت پريشان آهيون، اسان جا فصل ۽ گهر جو سامان ۽ سڀ ڪجهه لڙهي ويو آهي، واهر ڪئي وڃي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ڄام خان شورو، سيڪريٽري آبپاشي توڙي ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي واهر ڪري مدد ڪئي وڃي.