ٻلهڙيجي جي اسڪول ۾ سهولتون اڻلڀ، شاگرد پٽ تي ويهي پڙهڻ لڳا

سيپٽمبر 30, 2024

موهن جو دڙو(رپورٽ: معشوق ڏيرو) موهن جو دڙو ڀرسان تعلقي ڏوڪري جي يونين ڪائونسل موهن جو دڙو ايٽ بگي جي ڳوٺ ٻلهڙيجي جو بوائز پرائمري اسڪول ڪيترن ئي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آھي،جڏھن ته اسڪول ۾ 200 شاگردن کي تعليم ڏيڻ لاءِ 4 استاد مقرر آھن، اسڪول جي عمارت زبون حال ٿي وئي آھي، اسڪول ۾ بجلي نه هجڻ سبب ٻارڙا ٽينٽ اندر هيٺ پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آھن، ان حوالي سان شاگردن  محسن پيرزادو، مسڪان، انعم ،سائره علي خان ،جواد، يوسف ۽ ٻين چيو ته اسڪول ۾ سهولتون نه هجڻ سبب تعليم حاصل ڪرڻ ۾ کين ڏکيائيون ٿي رهيون آهن،  هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.هوڏانهن ڳوٺ ٻلهڙيجي اسڪول جي هيڊ ماستر محمد سليم سومرو، استاد حفيظ پيرزادو، اسرار احمد ٻگهيو، پرويز ٻگهيو ۽ ٻين چيو ته اسان جي اسڪول ۾ هن وقت ٽوٽل 4 استاد مقرر آھن، 200 شاگرد اسان وٽ حاضر آھن، قانون موجب 30 شاگردن کي تعليم ڏيڻ لاءِ صرف هڪ استاد مقرر ھوندو آھي. هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، ٻي طرف ٽي او ڏوڪري محمد کوهارو موجب اسڪول ۾ جيڪڏھن استادن جي کوٽ آھي ۽ شاگردن لاءِ فرنيچر بجلي يا ٻيون سهولتون ناهن ته مان اسڪول جو جائزو وٺي اسڪول ۾ گهربل کوٽ پوري ڪندس.

بدين ويجهو اسڪول ۾ ٻارڙا پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور

بدين (ن پ ا) سنڌ جي تعليم کاتي پاران لکين رپيا خرچ ڪري ھر ضلعي ۾ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي پئي وڃي ته سنڌ پڙھندي ته سنڌ اڳيان وڌنڌي  پر خود تعليم کاتو ان پنهنجي سلوگن تي ڪيترو عمل پيرا آهي، ان جو اندازو ھن مان لڳائي سگهجي ٿو ته بدين کان چوڏھن ڪلوميٽرن تي ٽنڊو باگو روڊ تي وھڻائي شريف لڳ ڳوٺ خان محمد ھنگورجو ۾ 1983 کان  پرائمري اسڪول قائم آهي پر 41 سال گذرڻ بعد به ھن اسڪول جي نه عمارت تعمير ٿي سگهي آهي، نه اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارڙن جي ويھڻ لاءِ فرنيچر ڏنو ويو آهي 1983 کان وٺي 100 کان وڌيڪ ٻارڙا ڄار جي وڻ ھيٺان پٽ تي ويھي تعليم حاصل ڪري رھيا آهن تعليم کاتي جي آفيسرن جي تعليم سان چاھ جو اھو عالم آهي ته ھن وڻ اسڪول ۾ مقرر ڪيل ماستر کي به پابند ڪيوويو آهي ته ھو پنهنجي ويھڻ لاءِ ڪرسي به پنهنجي خرچ تي وٺندو، انھي سلسلي ۾ ڳوٺاڻڻ محمد حنيف ھنگورجو، محمد جمن ھنگورجو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ جا وڏا ۽ ھاڻي اسان خود تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ھتان جي چونڊيل نمائندن کي ايلاز ڪري ٿڪجي پيا آھيون، اسڪول جي عمارت ۽ فرنيچر نه هئڻ ڪري ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائين ٿا،  ھنن سنڌ جي وزير اعليٰ ۽ تعليم جي وزير کان مطالبو ڪيو ته سندن اسڪول کي بلڊنگ ۽ فرنيچر ڏئي ۽ گھربل استاد ڏنا وڃن جيئن غريب شاگرد تعليم پرائي ملڪ جي خدمت ڪري سگھن.

هٿونگي ۾ شاگردن جو هيڊ ماسٽر جي بدلي خلاف پيادل مارچ

هٿونگو (ن پ ا) ھٿونگو ۾ شاگردن ظفر راڄڙ، محمد بخش راڄڙ، بھران منڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھاير سيڪنڊري اسڪول ھٿونگو کان بس اسٽينڊ تائين پيادل مارچ ڪيو، ان موقعي تي شاگردن چيو ته ھٿونگو ھاير سيڪنڊري اسڪول جو ھيڊ ماستر احمد علي راڄڙ گذريل 30 سالن کان پنھنجيون ذميواريون ايمانداري سان نڀائي رھيو ھو، بھتر نظام کي بگاڙڻ لاءِ ھٿ وٺي سياسي مداخلت تي ھيڊ ماستر کي بدلي ڪرايو ويو آهي، مظاھرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ھاير سيڪنڊري اسڪول جي ھيڊ ماستر کي بدلي ڪرائي سياسي ماڻھو کي ھيڊ ماستر رکيو ويو آهي، جيڪو قبو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته اڳوڻي ھيڊ ماستر کي بحال ڪري شاگردن جي تعليم کي بچايو وڃي.

دوداپور ويجهو اسڪول جو ڪم رولڙي جو شڪار، احتجاج

دوداپور (ن پ ا) ڳوٺ شيرانپور ٿهيم ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان منظور هاءِ اسڪول شيرانپور جو ڪم گذريل ٻه سالن کان رولڙي جو شڪار بڻيل آهي، ٺيڪيدار ٻن سالن کان اسڪول جو هلندڙ ڪم اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويو، جنهن سبب ڳوٺ توڙي علائقي جي سوين شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ سان گڏ مستقبل داءَ تي لڳل آهي،  ڳوٺاڻن پرويز احمد ٿهيم، استاد محمدانور ابڙو، استاد محمد شفيق اوڍو ۽ شاگردن پاران احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جو ڪم نه ٿيڻ سبب هن وقت ٻارڙا ڳوٺ جي هڪ اوطاق ۾ هيٺ ويهي تعليم پرائڻ سان گڏ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، ٺيڪيدار شاهد ڀٽو رقم ڪڍرائي ڪم ڇڏي ڀڄي ويو، هنن سنڌ حڪومت وزير تعليم ۽ وس وارن مطالبو ڪندي چيو ته ڪرپٽ ٺيڪدار خلاف ڪاروائي ڪري ٻن سالن کان اسڪول جو بند پيل ڪم ٻيهر شروع ڪرائي ڪم مڪمل ڪرائي ٻارڙن جي مستقبل وڌيڪ برباد ٿيڻ کان بچايو وڃي.

ڪڙيوگهنور: گرلس مڊل اسڪول جي عمارت نه ٺهي، شاگردياڻين جي تعليم متاثر

ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور شھر جي گرلس مڊل اسڪول جي اٺن ڪمرن واري عمارت مان 4 ڪمرا اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيا، ٺيڪيدار بلڊنگ جو ڪم اڌ  ۾ ڇڏي گم ٿي ويو، اسڪول جي 700 کان  مٿي شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي، شهرين ايوب نوتڪاڻي، شير، هريش مهشوري، رمضان ڪنڀار، حاجي عرس ۽ ٻين چيو  ته شاگردياڻين لاءِ فرنيچرز ۽ ڪمرن جي کوٽ سان گڏ اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي  ۽ واش روم سميت سهولتون نه ناهن، هنن اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي فوري طور اسڪول جي عمارت جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي.

اوٻاوڙي لڳ 5 سالن کان اسڪول بند: ٻار تعليم کان محروم

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ الهيار گرگيچ ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان گورنمينٽ پرائمري اسڪول بند پيل آهي، جنهن ڪري ٻارڙا تعليم پرائڻ کان محروم بنيل آهي، ان ڏس ۾ احتجاج ڪندڙ الهيار گرگيچ، رجب علي گرگيچ ۽ شاگردن ٻڌايو ته گذريل پنجن سالن کان اسڪول بند پيل آهي، اسڪول جي چوديواري به ڪري پئي آهي ۽ اسڪول ۾ گندو پاڻي جمع ٿيل آهي، جنهن ڪري ٻارڙا  تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن، هنن ٻڌايو ته پنجن سالن کان استاد گهر ويٺي پگهار کڻي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول کولي پڙهائي شروع ڪرائي وڃي.

کورواهه جي هائير سيڪنڊري اسڪول جي عمارت زبون، احتجاج

کورواهه (ن پ ا) کورواھ جي هائير سيڪنڊري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ديوارن ۽ ڇتن ۾ ڏار پئجي ويا ڪرڻ جي خطري سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪول مان ٻاهر منتقل احتجاج ان موقعي تي ملوڪ نوتڪاڻي معشوق شاھ سارنگ خاصخيلي ۽ ٻين پهنجي اخبار اڳيان دانهيندي چيو ته کورواھ جي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ سوين ٻار پڙهن ٿا اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي آهي جيڪا ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي ان ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪول مان ٻاهر منتقل ڪيو آهي هنن تعليم کاتي ۽ حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد اسڪول جي بلڊينگ جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي ته جئين ڪنهن حادثي کان بچي سگهجي، ٻئي پاسي تعليم کاتي تعلقي گولاڙچي جي ٽي او يونس راهمون رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسڪول جي مرمت جو ٽينڊر ٿي ويو آهي، جلد اسڪول جو ڪم شروع ٿيندو، ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ اسڪول جي آفيس روم جا چاپڙ ڪرڻ سبب اسڪول ملازم فيصل ملڪ پڻ زخمي ٿي پيو هو

Leave A Comment