آخري منزل جي ڳولا: حسينه واجد جو عرب ملڪن ۾ پناهه تي غور

آگسٽ 8, 2024

نئين دهلي/ ڍاڪا (م ڊ) هندستان ۾ موجود بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد يورپي ملڪن پاران موٽ نه ملڻ تي متحده عرب امارات، سعودي عرب ۽ فن لينڊ ۾  پناهه وٺڻ تي غور ڪري رهي آهي، ڍاڪا ٽريبيون جي رپورٽ موجب ان جي هندستان پهچڻ کان 48 ڪلاڪن بعد ان جي آخري منزل غير يقيني آهي. آمريڪا ۽ برطانيا پاران پناهه نه ڏيڻ تي هاڻي هو ٻيا آپشن ڳولي رهي آهي،جڏهن ته مختلف ملڪن سان رابطا پڻ ڪيا ويا. آهن. هوڏانهن شيخ حسينه واجد جي پٽ سجيب واجد اهڙين خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته بنگالي احسان فراموش آهي، اهي استعمال ٿيا، وقت اچڻ تي اهي پڇتائيندا.

Leave A Comment