ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي، جيڪي ڊفالٽ جو بيانيو ٺاهي رهيا هئا، اهي اڄ ڪٿي آهن؟ آرمي چيف

آگسٽ 21, 2024

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي جيڪي پاڪستان جي ڊفالٽ جو بيانيو ٺاهي رهيا هئا اڄ ڪٿي آهن؟

پاڪستان جي نوجوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته عوام حڪومت ۽ فوج ۾ مضبوط لاڳاپا ئي پاڪستان جي ترقي جي ضمانت آهن. اها رياست جي ذميواري آهي ته اها عوام کي سوشل ميڊيا جي پيدا ٿيل هيجان ۽ فتني فسادن کان پري رکي

هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي جيڪي پاڪستان جي ڊفالٽ جو بيانيو ٺاهي رهيا هئا، اهي اڄ ڪٿي آهن؟

هن چيو ته جيڪڏهن توهان آزاد رياست جي اهميت ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته لبيا، شام، ڪشمير ۽ غزه جي عوام کان پڇو.  مسلمانن جي حيثيت ۾ اسان کي نااميد ٿيڻ کان منع ڪيو ويو آهي، پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ قيمتي سرمايو نوجوان آهن، ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جو قيمتي سرمايو ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو

آرمي چيف چيو ته منهنجو يقين آهي ته الله اسان کي دهشتگردي خلاف فتح عطا ڪندو، خيبرپختونخواهه جو عوام 22 سالن کان دهشتگردي خلاف پاڪ فوج سان گڏ بيٺو آهي، قبائلي گڏجي ويهڻ ۽ تڪرار ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪن

Leave A Comment