سنڌ جي انب جي عالمي مارڪيٽ خراب ڪئي وئي، سکر بيراج جو مستقل خيال رکڻ گهرجي: آبادگار بورڊ

جُولاءِ 8, 2024

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ مطالبو ڪيو آهي ته ميون ۽ ڀاڄين جي ايڪسپورٽ جي معيار کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن اهي شيون عالمي مارڪيٽ ٺاهي سگهن. هلندڙ سال پاڪستان مان انب وقت کان اڳ 20 مئي تي ايڪسپورٽ ڪيا ويا جنھن جي نتيجي ۾ انبن جي عالمي مارڪيٽ خراب ٿي وئي ۽ آبادگارن کي وڏو مالي نقصان ٿيو. سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس سيد محمود نواز شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ انبن کي وقت کان اڳ ايڪسپورٽ ڪرڻ واري صورتحال تي ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو ويو ته پاڪستان مان وڌ کان وڌ ايڪسپورٽ ٿيندڙ سنڌڙي انب جون جي پھرئين ھفتي کان اڳ پچي نه سگهندو آهي پر ان جي باوجود ھن سال سنڌڙي انب کي 15 مئي تي پٽي 20 مئي کان ايڪسپورٽ ڪيو ويو جنهن سبب ان جي عالمي مارڪيٽ تي خراب اثر پيا. وقت کان اڳ انبن جو رنگ بدلجي نه سگهندو آهي ۽ ان ۾ مٺاڻ نه اچڻ جي ڪري قدرتي ذائقو به جڙي نه سگهندو آهي ان ڪري انب جو معيار ڪري پيو ۽ خريدار بدظن ٿيا. اجلاس ۾ چيو ويو ته انبن جي وقت کان اڳ پٽائي جي نتيجي ۾ جون واري مھيني ۾ سنڌ جي ايڪسپورٽ جوڳن انبن جو اگھه في مڻ 6500 رپين مان گھٽجي 3500 رپيا ٿي ويو. انبن جي وقت کان اڳ پٽائي جو معاملو انتظامي طور تي نبيري نٿو سگھجي ان ڪري اسٽيڪ ھولڊر، آبادگارن، ٺيڪيدارن، حڪومت ۽ ايڪسپورٽرز کي گڏجي ويھي ان معاملي جو حل ڳولڻ گھرجي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته جيڪڏهن انبن ۽ ٻين زرعي شين جي ايڪسپورٽ ۾ معياري طريقا اختيار نه ڪيا ويا ته پاڪستان عالمي مارڪيٽن ۾ ميوا ۽ ڀاڄيون برآمد ڪري نه سگهندو. اجلاس ۾ سکر بئراج جو دروازو ٽٽڻ سبب پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺي موقف اختيار ڪيو ويو ته پاڪستان جي معيشت ۾ بئراج جي اهم ڪردار کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سکر بئراج سڀ کان اهم ۽ دنيا جي وڏن بئراجن مان ھڪ آھي. اهو بئراج نه رڳو سڌي ريت 8 ملين ايڪڙن جي ڪمانڊ ايريا کي متاثر ڪري سگهي ٿو پر ڪوٽڙي بئراج جي هيٺانهين علائقي تي به اثرانداز ٿي سگهي ٿو جنهن سان مجموعي طور سنڌ جي 80 سيڪڙو زراعت متاثر ٿي سگهي ٿي. آبپاشي کاتي پاران سکر بئراج کي 9 ڏينھن ۾ آپريشنل ڪرڻ واکاڻ جوڳو عمل آھي پر ان جي باوجود زرعي شعبو نقصانن کان بچي نه سگھيو آهي. بئراجن جي بروقت سار سنڀال لهڻ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ شفافيت کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي ته جيئن بئراج محفوظ رهي سگهن. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته بئراجن جي موثر مانيٽرنگ لاءِ سينسرز، ٽيلي ميٽري ۽ آرٽيفشل انٽيليجنس جھڙين ٽيڪنالاجين کي به استعمال ڪيو وڃي ته جيئن بئراجن ۾ پيدا ٿيندڙ خرابي جو بروقت پتو لڳائي سگهجي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ چيو ويو ته سکر بئراج جي تازي واقعي سان آبپاشي کاتي کي اکيون کولڻ گهرجن. سنڌ جو اهو اثاثو نه صرف زراعت پر پاڪستان جي معيشت ۾ پنهنجي اهميت جي لحاظ کان وڌيڪ ڌيان گھري ٿو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، محمد اسلم مري، عمران بوزدار، طٰحٰه ميمڻ، مراد علي شاهه بڪيرائي، قاضي محسن، علي مردان شاھ، محمد اڪبر نظاماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Leave A Comment