حڪومت شرط مڃي ورتو، عمران جو اڄ طبي معائنو، پي ٽي آءِ پاران احتجاج ملتوي
آڪٽوبر 15, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پي ٽي آءِ جو شرط مڃي ورتو، پي ٽي آءِ پاران اڄوڪو احتجاج ملتوي ڪيو ويو، تحريڪ انصاف اڄ اسلام آباد ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو هو ۽ عمران سان ملاقات جو شرط رکيو هو
ذريعن موجب حڪومت پي ٽي آءِ جو احتجاج ملتوي ڪرائڻ لاءِ شرط مڃي ورتو، پمز اسپتال جا ڊاڪٽرز اڄ صبح جو اڊيالا جيل وڃي پي ٽي آءِ باني جو طبي معائنو ڪندا
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پي ٽي آءِ قيادت کي آگاهه ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سياسي ڪاميٽي جو اجلاس بئرسٽر گوهر جي صدارت ۾ آن لائن ٿيو، اجلاس ۾ اڄوڪو احتجاج ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو
ذريعن موجب اجلاس ۾ اڪثر اڳواڻ چيو ته شنگهائي ڪانفرنس ۾ پرڏيهي مهمان اچي رهيا آهن ان ڪري احتجاج ملتوي ڪيو وڃي، گهرو وزارت شنگهائي ڪانفرنس جي موقعي تي اسلام آباد انتظاميا کي فول پروف سيڪيورٽي جا حڪم جاري ڪيا آهن
گهرو وزارت چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد کي خط لکيو، جنهن ۾ چيو ويو ته اسلام آباد جي حدن ۾ ڪنهن غيرقانوني ميڙاڪي جي اجازت نه آهي
شنگهائي ڪانفرنس جي موقعي تي ڪو به احتجاج يا لاڪ ڊائون نٿو ٿي سگهي، ڪنهن به احتجاج يا لاڪ ڊائون کي روڪيو وڃي، فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي