حڪومت وٽ رڳو 2 مهينا آهن، غير مشروط معافي ناهي گهري، 9 مئي بابت شاهدن جا نالا ڏنا ته ڊالا کڻي ويندا: عمران خان
آگسٽ 9, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف عمران خان چيو آهي ته مون وٽ وقت ئي وقت آهي انهن جي لاءِ وقت ختم ٿي رهيو آهي. انهن بيوقوفن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت وٽ ٻن مهينن کان وڌيڪ وقت ناهي. ٻن مهينن ۾ هن حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ وارو آهي، ملڪ ۾ بنگلاديش کان به خراب حالتون آهن. ان ڪري چئي رهيو آهيان انهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته ميڊيا ۾ اهڙو تاثر ويو آهي ڄڻ مان معافي گهري ورتي آهي، معافي اهو گهرندو آهي جيڪو ڪا غلطي ڪندو آهي، مان ڪا غير مشروط معافي ناهي گهري، مان 12 مهينن کان چئي رهيو آهيان ته سي سي ٽي وي فٽيجز ظاهر ڪيون وڃن، ثبوت لڪائڻ ڏوهه آهي، اوهان وٽ فٽيجز موجود آهن، جيڪڏهن منهنجو ڪو ماڻهو سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ آيو ته مان معافي گهرندس. هن چيو ته مان صرف پاڪستان جي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهيان، مون کي جيل ۾ جيترو ٽائيم رکڻو آهي رکو پر مان ڊيل ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان. ڊيل اهو ڪندو آهي جنهن ڪو ڏوهه ڪيو هجي. منهنجي ملڪيت، پئسا ٻاهر ناهن، مون سمورا ڪيس وڙهيا آهن وڌيڪ کي به منهن ڏيندس. مون تي ۽ منهنجي گهرواريءَ تي ڪيس ڪرڻ جو مقصد پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ آهي. باني تحريڪ انصاف چيو ته آئون ڇا چريو آهيان جو پنهنجي ماڻهن کي فوج تي حملو ڪرڻ لاءِ چوندس. مون خلاف هڪ توشه خانه ڪيس ۾ چار ڪيسز ٺاهيا ويا آهن. صحافي سوال ڪيو ته استغاثه پنهنجي شهادتون عدالت ۾ پيش ڪيون ۽ ان کي رڪارڊ ڪرايا، اوهان پنهنجي طرفان ڪو شاهد پيش ناهي ڪيو جيڪو اوهان کي بيگناهه ثابت ڪري سگهي. جي جواب ۾ باني تحريڪ انصاف چيو ته منهنجا شاهد ايندا، شاهدن جا نالا وقت کان پهريان ورتا ته انهن جي پٺيان ويگو ڊالو لڳي ويندو. منهنجي ڪيسز جو فيصلو جلد بازي ۾ ڪيو ويو، مون کان جڏهن 342 جو بيان ورتو ويو ته ان بعد ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 9 مئي واقعن ۾ پي ٽي آءِ جا ماڻهو نه هئا، باهه لڳائڻ وارا اسان جا ماڻهو نه پر ٻيا آهن جن کي مان سڃاڻان ٿو. صحافي سوال ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو، بي نظير ڀٽو شهيد ٿي، نواز شريف کي اقتدار مان هٽايو ويو، پر انهن جماعتن جي ايڇ ڪيو سامهون احتجاج جي ڪال نه ڏني اوهان ڇو ڏني ؟ جي جواب ۾ باني چيئرمين چيو ته پر امن احتجاج ڪرڻ اسان جو حق آهي، مون سڀني کي پر امن احتجاج جو چيو هو. مون چيو هو جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪيو وڃي ته اوهان کي جي ايڇ ڪيو آڏو پر امن احتجاج ڪرڻو آهي. ظاهر آهي اسان کي جتان مسئلو هوندو اُتي احتجاج ڪنداسين جيڪو اسان جو آئيني حق آهي. اسان جي پر امن احتجاج تي اسان کي دهشتگرد بڻايو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مان چاهيان ٿو ته امن ٿئي، ملڪ ۾ استحڪام هجي، 9 مئي تي هڪ ئي رستو آهي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. صحافي سوال ڪيو ته ن ليگ جو سينيٽر عرفان صديقي چئي رهيو آهي ته اوهان سان ڳالهين وارو وقت ختم ٿي چڪو آهي. جي جواب ۾ باني تحريڪ انصاف چيو ته مون وٽ وقت ئي وقت آهي انهن جي لاءِ وقت ختم ٿي رهيو آهي. انهن بي بيوقوفن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت وٽ ٻن مهينن کان وڌيڪ وقت ناهي. ٻن مهينن ۾ هن حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ وارو آهي، ملڪ ۾ بنگلاديش کان به خراب حالتون آهن. ان ڪري چئي رهيو آهيان انهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن ريلن، ڪٽن جو هڪ ئي مقصد آهي فوج ذريعي پي ٽي آءِ کي ختم ڪيو وڃي ۽ هي بچي وڃن پر هي نه بچي سگهندا. منهنجي خلاف هي سڀ ان ڪري ڪيو پيو وڃي ته مان ڪا ڊيل ڪريان پر مان ڪا ڊيل نه ڪندس. منهنجي خلاف جيترا ڪيس داخل ڪرڻا آهن ڪريو، جيترو جيل ۾ رکڻو آهي رکو. هڪ صحافي سوال ڪيو ته ملڪ ۾ جيڪڏٿهن عبوري سيٽ اپ قائم ڪيو وڃي ۽ ان تحت اليڪشن ڪرائي وڃي ته ڇا اوهان کي اها اليڪشن قبول آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڀ کا وڏو فرياڊيه آهي هن پهريان به فراڊ اليڪشن ڪرائي. ضمني اليڪسن ۾ به هنن پهريان ڊٻا ڀري ڇڏيا ۽ ڪنهن کي ڏسڻ جي به اجازت نه ڏني وئي. مرضي جو رزلٽ جاري ڪيو ويو. موجوده حڪومت جي انتظامن هيٺ ٺهندڙ عبوري سيٽ اپ ۽ هن چيف اليڪشن ڪمشنر جي نگراني ۾ ڪي به چونڊون ٿيون اسان اليڪشن کي تسليم نه ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون آرمي چيف کي صرف غير سياسي ٿيڻ جو چيو هو ته آئين جي حد ۾ رهي. مون نيوٽرل جو نه چيو هو نيوٽرل ته صرف جانور هوندو آهي.