حڪومت ٺاهڻ به ڄاڻون ٿا ته ڪيرائڻ به: صدر آصف علي زرداري

جُولاءِ 11, 2024

لاهور (م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ن ليگ کان حڪومت نٿي هلي، هاڻ پاڻ ميدان ۾ آيو آهيان، اسلام آباد هجي يا لاهور سڀني کان ڪم ڪرائيندس، نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ نيوز موجب آصف زرداري چيو ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺي عوام کان امتحان ورتو پيو وڃي، حڪومت ٺاهڻ به ڄاڻون ٿا ته ڪيرائڻ به ڄاڻون ٿا، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، لاهور ۾ صدر زرداري جي صدارت ۾ پ پ اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، صدر آصف زرداري چيو ته جيالا تيار رهن اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.

Leave A Comment