جيل ۾ سختيون وڌي ويون، اسٽبلشمينٽ سان رابطو ناهي، ڳالهيون ملڪ ۽ آئين لاءِ ٿينديون: عمران خان
آگسٽ 27, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف عمران خان چيو آهي ته منهنجو اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به رابطو ناهي. اسٽيبلشمينٽ سان جڏهن به ڳالهه ٿيندي ملڪ ۽ آئين جي لاءِ هوندي. عوام فوج سان پيار ڪندي آهي ڇو ته هو اسان جو دفاع ڪندا آهن. صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته بنگلاديش ۾ عوام ٻاهر نڪتو ته پنهنجو حق حاصل ڪيو. ٻڪريون ۽ رڍون ڏنڊن سان ڪنٽرول ٿينديون آهن انسان نه. اپيل آهي ته فوج سڀني جي آهي ملڪ کي مضبوط اداري جي ضرورت آهي، هي جيڪو ڪري رهيا آهن اها خودڪشي آهي. هن چيو ته مون کي پهريان به ٻه ڀيرا قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، جيل ۾ چوٿون ڀيرو منهنجو عملو تبديل ڪيو ويو، جيڪو منهنجو کاڌو چيڪ ڪندو هو ان کي تبديل ڪيو ويو، هڪ سوال تي عمران چيو ته محسن نقوي سفارشي آهي هن ڪرڪيٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اسان کي بنگلاديش هارايو آهي. اهو سمورو نزلو هڪ اداري مٿان ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جيل ۾ ڪجهه وڌيڪ سختيون ٿي رهيون آهن لڳي ٿو انهن جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن. هن چيو ته بشريٰ بي بي جي ڪمري ۾ ڪوئا اچي ويا آهن، هو نماز پڙهندي آهي ته ڪوئا ڇت مان ڪرندا آهن. عدالت کي آگاهه ڪيو آهي ته جيئن ڪوئا ختم ٿي سگهن.