سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به گرميءَ جي لهر جاري، ٽن ڏينهن تائين سنڌ ۾ گرميءَ جي لهر جاري رهندي

مَي 23, 2024

سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به گرميءَ جي لهر جاري، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٽن ڏينهن تائين سنڌ ۾ گرميءَ جي لهر جاري رهندي

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته جيڪب آباد، سکر، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، نوشهرو فيروز ۽ شهيد بينظير آباد ۾ گرمي پد 6 کان 8 سينٽي گريڊ وڌيڪ رهندو، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي علائقن ۾ گرمي پد 4 کان 6 سينٽي گريڊ وڌڻ جا امڪان،

وزيراعظم جي ماحولياتي تبديلي بابت خاص معاون رومينا خورشيد عالم چيو آهي ته سنڌ جا 13 ضلعا هيٽ ويو جي لپيٽ ۾ آهن

پنجاب جا 9 ضلعا ۽ بلوچستان جا 4 ضلعا به هيٽ ويو جي لپيٽ ۾ آهن، پاڪستان موسمياتي تبديلي جو شڪار آهي ۽ هيٽ ويو جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، هيٽ ويو کان بچڻ لاءِ شهري احتياطي اپاءَ وٺن

Leave A Comment