پاڪ فوج تي فخر آهي، لاڳاپا بهتر نه رکڻ اسان جي بيوقوفي هئي، ڳالهين لاءِ تيار آهيان: عمران خان

آگسٽ 5, 2024

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان فوج سان سٺا لاڳاپا نه رکڻ کي پنهنجي بيوقوفي قرار ڏيندي چيو آهي ته هٿياربند پاڪ فوجن تي فخر آهي

خانگي ٽي وي چينل موجب پي ٽي آءِ باني عمران خان پرڏيهي خابرو ايجنسي جي اماڻيل سوالن جي جوابن ۾ چيو آهي ته فوج  ۽ حڪومت جيستائين تسليم نٿا ڪري وٺن ته اليڪشن منهنجي پارٽي کٽي هئي، تيستائين سمجھوتو نه ٿيندو

شهباز شريف جي مخلوق حڪومت سان اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونهي. جيڪي اصل طاقت آهن انهن سان ئي ڳالهين جوفائدو ٿيندو. هن چيو ته فوج سان سٺا لاڳاپا نه رکڻ اسان جي بيوقوفي هئي

هن چيو ته ملڪي صورتحال۽ فوج جي اهم ڪردار جي ڪري فوج سان بهتر لاڳاپا نه رکڻ بيوقوفي هوندي. فوج سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان

عمران خان چيو ته اقتدار مان هٽڻ کان پوءِ جيڪا به تقنيد ڪئي، اها شخصيتن تي هئي، فوج تي اداري طور تنقيد ناهي ڪئي

عمران خان وڌيڪ چيو ته فوجي قيادت جيڪڏهن غلط اندازا لڳايا ته ان جو الزام فوج تي اداري طور نه لڳائڻ گھرجي. عمران خان وڌيڪ چيو ته منهنجي دل ۾ آمريڪا خلاف ڪو بغض ڪونهي

هن چيو ته شفاف الڪشن ڪرائي وڃي ۽ ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ته فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته فوج ۽ حڪومت جيستائين تسليم نٿا ڪري وٺن ته اليڪشن اسان کٽي تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون

هن چيو ته سپاهين ۽ هٿياربند فوجن تي فخر آهي. پاڪستان جي جاگرافيائي پوزيشن ۽ نجي شعبي ۾ فوج جي اهم ڪردار جي ڪري جيڪڏهن فوج سان بهتر لاڳاپا نه رکيا وڃن ته اها بي وقوفي ٿيندي.

Leave A Comment