فوج جي عزت جان کان وڌيڪ عزيز آهي، عيد جي موقعي تي عام معافي ڏني وڃي: شيخ رشيد
جُون 6, 2024
فوج جي عزت جان کان وڌيڪ عزيز آهي، عيد جي موقعي تي عام معافي ڏني وڃي: اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد جون اسلام آباد جي عدالت ۾ حاضري دوران ميڊيا سان ڳالهيون، شيخ رشيد چيو ته صنم جاويد، عاليه حمزه ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي آزاديءَ جي اپيل ڪيان ٿو، بي گناهه ماڻهن جو انگ وڏو آهي ۽ عدالتون ڪيس هلائڻ لاءِ ٿوريون ٿي پيون آهن، منهنجي درخواست آهي ته هن عيد تي عام معافي جو اعلان ڪيو وڃي، شيخ رشيد سياسي اڳڪٿي ڪندي چيو ته ايندڙ 45 ڏينهن اهم آهن، ملڪ ۾ هاڻي سياسي فيصلا ٿيندا، ماڻهو ڏاڍا تنگ آهن، ملڪ مان سيڙپڪار ٻاهر پيا وڃن ته ٻاهريان سيڙپڪار ڪيئن ايندا