پريا جي زندهه هجڻ جي اميد جاڳي پئي، جي آءِ ٽي پاران تصديق، رپورٽ گهرو کاتي حوالي

جُون 1, 2024

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر ڀرسان سنگرار مان اغوا ٿيل پريا ڪماري لاءِ سينيئر پوليس آفيسر جاويد سونهارو جسڪاڻي جي سربراهي ۾ جوڙيل جي آءِ ٽي ٻن مهينن جي ابتدائي جاچ بعد ڄاڻايو آهي ته پريا ڪماري جي حوالي سان اهڙو ڪو ثبوت ناهي مليو جنهن مان ظاهر ٿئي ته هوءَ فوت ٿي وئي آهي، ڪراچي سان تعلق رکندڙ پوليس جي انتهائي اعتبار جوڳن ذريعن موجب جي آءِ ٽي جي سربراهه ۽ هاڻوڪي ڊي آءِ جي ميرپور خاص جاويد سونهارو جسڪاڻي ان حوالي سان گذريل ڏينهن ابتدائي رپورٽ گهرو کاتي کي موڪلي آهي، جنهن ۾ هن پاران ڄاڻايو ويو آهي ته پريا ڪماري جي مري وڃڻ جي حوالي سان لڳ ڀڳ خدشا ختم ٿي ويا آهن، رپورٽ موجب پريا ڪماري جي جيئري هجڻ جا امڪان چٽا آهن، پنهنجي اخبار پاران پريا ڪماري بابت هاڻوڪي جي آءِ ٽي جي حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ سميت ملڪ جي ٻين صوبن جي پوليس ۽ جاچ ڪندڙ ادارن سان رابطا ڪيا ويا،  ان حوالي سان اهو به معلوم ٿيو آهي ته جاچ بابت جي آءِ ٽي سربراهه گذريل 20 ڏينهن دوران اڪيلي سر پنجاب وڃي جاچ ڪئي آهي ۽ اتي موجود انهن سمورن گروهن جي معلومات هٿ ڪئي، جيڪي سنڌ سميت مختلف صوبن ۾ ٻارن جي اغواڪاري ۾ ملوث آهن، هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته سنڌ اندر هڪ اهڙي گروهه بابت ڄاڻ هٿ ڪئي وئي آهي جيڪو ڪنهن خاص مقصد لاءِ رڳو ٻارڙين کي اغوا ڪندڙ آهي، ذريعن موجب جي آءِ ٽي پاران ان گروهه جي هڪ ميمبر کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليسن ذريعن اهڙي گرفتاري جي حوالي سان نه ترديد ڪئي آهي ۽ نه تصديق ڪئي آهي، اهو معلوم ناهي ٿيو ته اها عورت آهي يا مرد، پر ان جي حراست ۾ وٺڻ بعد ئي جي آءِ ٽي کي ڪنهن حد تائين پريا جي بازيابي جي حوالي سان اميد پيدا ٿي آهي، ذريعن موجب جي آءِ ٽي جي ڪم کي انتهائي ڳجهو رکيو پيو وڃي، ان حوالي سان جي آءِ ٽي سربراهه جاويد سونهارو جسڪاڻي پنهنجي اخبار پاران رابطي ڪرڻ تي رڳو ايترو ٻڌايو ته مون پنهنجي پوري ٽيم سان ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، اها ڳالهه درست آهي ته اسان کي پريا جي مرڻ جو ڪو به ثبوت ناهي مليو، گهڻ رخي جاچ ڪيون پيا ۽ ان حوالي سان وقت کان اڳ ڪجهه به نٿو ٻڌائي سگهجي ۽ اسان جي دلي خواهش آهي ته نياڻي واپس والدين کي موٽي ملي، هن سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته باقي مان ان حوالي سان هاءِ اپس کي هر ڪارروائي بابت آگاهه رکندو پيو اچان، هن چيو ته مان پراميد آهيان ته جي آءِ ٽي ڪنهن خاطر خواهه نتيجي تي پهچي ويندي، هن چيو ته مان سڀني پوليس آفيسرن کي التجا ڪيان ٿو ته پريا جي حوالي سان ڪا اهڙي ڳالهه ٻولهه نه ڪن، جيڪا ڪيس تي ڪو اثر وجهي ۽ جي آءِ ٽي جو ڪم تاخير جو شڪار ٿئي، هن چيو ته پريا لاءِ پوري ڪوشش ٿي پئي، جي آءِ ٽي ان حوالي سان ڪا نتيجا خيز آگاهي پاڻ ڏيندي ڇو ته اهو معاملو انتهائي حساس نوعيت جو آهي، ٻين پوليس آفيسرن کي هن موقعي تي ڪي به بيان نه ڏيڻ گهرجن، هن چيو ته ايئن ئي اهم ڪيس صحافي جان محمد مهر جو ته بلڪل چٽو آهي، ان ڪيس تي به ڀرپور ڌيان ڏئي منطقي انجام تي پهچائڻ جي گهرج آهي، ساڳي ريت نصرالله گڏاڻي جو ڪيس به ڪنهن نتيجي جو گهرجائو آهي، ان ڪري في الحال انهن تي فوڪس رکيو وڃي.

مختلف رخن کان جاچ: 7 سئو 29 ماڻهو حراست ۾ ورتا ويا

سکر: پريا ڪماري سکر ڀرسان ننڍڙي شهر اسنگرار مان لڳ ڀڳ 33 مهينا اڳ ڏهين محرم واري ڏينهن 19 آگسٽ 2021ع تي اغوا ٿي هئي ۽ اغوa جو ڪيس ڪجهه وقت بعد داخل ٿيو هو، ان حوالي سان پنهنجي اخبار پاران جاويد سونهارو جسڪاڻي جي سربراهي ۾ ٻن ايس ايس پيز تنوير احمد تنئي ۽ امجد شيخ تي ٻڌل ٽه رڪني ڪاميٽي کان اڳ ٽن ايس ايس پيز عرفان سمون، تنوير تنيو ۽ امجد شيخ تي جڙيل ٽه رڪني جي آءِ ٽي ۽ پوليس جاچ رپورٽن ۽ ڪورٽ ۾ ڏنل رپورٽن مان معلوم ٿيو آهي ته پريا ڪماري جي اغوا جي حوالي سان مختلف رخن سان جاچ ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان 7 سئو 29 ماڻهو حراست ۾ ورتا ويا ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جاچ ۾ پريا ڪماري جي والدين جي ويجهن عزيزن کي به شامل ڪيو ويو، رپورٽن موجب ٽي ڀيرا امڪاني ڪرائيم سين جوڙيو ويو. جنهن ۾ لڳ ڀڳ اهو ڄاڻايل آهي ته پريا سبيل تي ڪجهه دير بيهڻ بعد گهر هلي وئي ۽ اتان وري  ٻاهر نڪتي، پاڙي جي هڪ گهر مان نياز وٺي وري پنهنجي گهر واپس آئي، ان بعد وري سبيل واري پاسي کان ٻاهر نه نڪتي، پر هڪ ٻن ماڻهن جي بيان ۾ وري ٻاهر نڪرڻ جو ڄاڻايل آهي سندس گهر مان هڪ ٻيو رستو گدام واري پاسي هو، جنهن ۾ سندس پيءُ راجومل جو اناج وغيرهه رکيل هوندو هو ۽ ان ڏينهن اهو گاڏين جي پارڪنگ بڻيل هو، عرفان سمون، سنگهار ملڪ ۽ ٻين پوليس آفيسر جي ڪيل جاچ ۽ والدين جي بيانن مان اها ڳالهه ظاهر نه ٿي سگهي ته پريا گهران ڪيئن نڪتي ۽ ڪهڙي پاسي کان وئي، ڏهين محرم سبب انٽرنيٽ ۽ فون بند هئڻ سبب ان ڏينهن جو ڪو رڪارڊ هٿ نه اچي سگهيو ۽ يارهين محرم واري ڏينهن جي ڪميونيڪشن واري رڪارڊ مان به پوليس کي ڪا مشڪوڪ ڪال نه ملي سگهي.

پوليس سيدن سندن ملازمن ۽ هارين کان به پاڇا ڳاڇا ڪئي

سکر: پوليس پهريان پريا جي پيءَ راجو مل جي ملازمن ۽ ان سان واسطيدار ماڻهن کان جاچ ڪئي، ايسيتائين جو پريا جي چاچي سريش کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، اهو به معلوم ٿيو ته پريا جي پيءَ راجومل جي ڦ ذات جي سندس ملازم سان پريا جي اغوا ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ گرما گرمي ٿيل هئي، ان کي به حراست ۾ وٺي تشدد ڪيو ويو پر اهو به جاچ مان آجو ٿيو ۽ ڪجهه ويجهن وارثن کان جاچ تي هندو برادري ۾ تيش آيو ته انهن تي هٿ هلڪو ڪيو ويو، ان دوران اهو به معلوم ٿيو ته پريا جا عزيز اصل سانگهڙ واري پاسي جا آهن ته ان پاسي به جاچ ڪئي وئي ته ڪٿي ڪا پراڻي دشمني ته ناهي، ان دوران پوليس پاران سنگرار جي ڪجهه سيد برادريءَ جي ماڻهن ۽ انهن جي ملازمن ۽ هارين کان به جاچ ٿي، اهو به معلوم ٿيو آهي ته پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي پنجاب کڻي اتي ٿاڻن ۾ رکيو، خاص ڪري رحيم يار خان جي ٿاڻن تي، واقعي جي هڪ سال بعد جاچ رخن ۾ صوبن کان ٻاهر ٻين ملڪن ڏانهن هيومن ٽرفڪنگ يا مارجي وڃڻ وارن عنصرن تي به ڪم شروع ڪيو ويو ۽ ان دوران مختلف ادارن کان به مدد حاصل ڪئي وئي ۽ مختلف وقتن تي جاچ ۾ ٺاپر به ايندي رهي پر مين اسٽريم ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پريا ڪماري اغوا بابت آواز اٿڻ بعد وري جاچ شروع ٿي ڪئي وئي، انهن رپوٽن موجب سنگرار جي ڪجهه بااثر توڙي پريا جي ويجهن مائٽن کي ڪنهن دلاسي تي لاهور وٺي انهن جي پوليگراف ڪئي وئي ته ڪٿي اهي ڪي غلط بيانيون ته نه پيا ڪن، ذريعن موجب ڪجهه ماڻهن جون شڪ جي بنياد تي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پوليگرافڪ ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن ۾ پريا جا عزيز ترين رشتا به شامل هئا.

پريا جي پيءُ ڪوڙين فون ڪالز تي لکين رپيا ڀنگ ڀريو

سکر: جاچ دوران پريا ڪماري جي پيءُ کي ايندڙ ڪجهه مشڪوڪ فون بابت به جاچ ڪئي وئي ۽ ڪجهه ماڻهو جيڪب آباد مان گرفتار به ٿيا، اهو به انڪشاف سامهون آيو آهي ته پريا جي پيءُ ڪجهه ڪوڙين فون ڪالن تي لکين رپيا آسري تي ڀنگ جي مد ۾ به ڀريا، ذريعن موجب ان ڪيس لاءِ پوليس پاران مختلف هنڌن تي مخبر پڻ مقرر ڪيا ويا ۽ پريا جي بازيابي جي حوالي سان 50 لک رپيا انعام به مقرر ڪيو ويو.

جان محمد مهر ۽ نصر الله گڏاڻي جي قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا

سکر: سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ ويجهي ماضي دوران هاءِ پروفائيل ڪيس هلندڙ آهن، جيڪي اڃا تائين ڪنهن به منطقي انجام تي ناهن پهچي سگهيا، جان محمد مهر کي 13 آگسٽ 2023ع  تي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، سموري دنيا ۾ احتجاجن توڙي سنڌ ۾ لاڳيتو هلندڙ تحريڪ باوجود قاتل گرفتار ناهن ٿيا، سنگرارا مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري به 33 مهينا گذرڻ باوجود بازياب ناهي ٿي سگهي، ويجهڙ ۾ ميرپور ماٿيلي ڀرسان جروار روڊ تي ڏينهن ڏٺي جو گولين جو 21 مئي تي نشانو بڻائي شهيد ڪيل صحافي ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ نصرالله گڏاڻي جا قاتل به گرفتار ناهن ٿي سگهيا، انهن اهم معاملن تي سموري سنڌ سراپا احتجاج رهي آهي. هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ اهي اشوز سوشل ميڊيا تي به سڀ کان گهڻو رهندا پيا اچن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته گهڻ طرفا اشوز سامهون آڻي هڪ ڪيس تان ڌيان هٽرائي وري ٻئي طرف ڪرايو پيو وڃي.

Leave A Comment