ملڪ ۾ اقليتن جي آبادي ۾ واڌ، سڀ کان وڌيڪ غير مسلم سنڌ ۾ رهندڙ، قادياني گھٽجي ويا

جُولاءِ 23, 2024

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پاڪستان ۾ آدم ڳڻپ ڪندڙ اداري شماريات بيورو پاڪستان ۾ ٿيل ستين آدم ڳڻپ جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آھي . رپورٽ ۾ پاڪستان اندر مجموعي طور تي اقليتن جي آبادي ۾ ته واڌ ٻڌائي وئي آھي پر پاڪستان ۾ ڪي پي ڪي ، بلوچستان ، اسلام آباد ۾ شيڊيول ڪاسٽ ۽  قاديانين جي آبادي ۾ گهٽتائي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي . 2017 ۾ ٿيل آدم ڳڻپ جي مقابلي ۾ 2023 جي آدم ڳڻپ دوران ڇهن سالن ۾ پاڪستان اندر اقليتن جي آبادي ۾ 14 لک 49 هزار ، 472 جو اضافو ٿيو آھي . 2017  جي آدم ڳڻپ موجب پاڪستان ۾ اقليتن جي ڪل آبادي 73 لک ، 21 هزار ، 908 هئي جيڪا 6 سالن بعد 2023 ۾ وڌي 87 لک 71 هزار ، 380 ٿي وئي آھي ، ان ريت پاڪستان جي مجموعي آبادي ۾ 96.35 سيڪڙو مسلمان آبادي ۽ پاڪستان جي مجموعي آبادي ۾ اقليتي آبادي 3.65 سيڪڙو ٻڌائي وئي آھي . رپورٽ مطابق پاڪستان جي چئني صوبن مان سڀ کان وڌيڪ اقليتون سنڌ صوبي موجود آھن ، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو ، شيڊيول ڪاسٽ ، پارسي سنڌ صوبي ۾ رهن ٿا جڏهن ته ڪرسچن ۽ قاديانين جي  سڀ کان وڌيڪ آبادي پنجاب صوبي ۾ رهن ٿا . سنڌ صوبي جي ڪل آبادي 5 ڪروڙ ، 56 لک ، 38 هزار ، 409 آھي جنهن مان 90.09 سيڪڙو آبادي مسلمان ۽ سنڌ صوبي جي ڪل آبادي مان 9.91 سيڪڙو اقليتي آبادي آھي . سنڌ صوبي ۾ رهندڙ اقليتن جو مجموعي تعداد 55 لک ،11 هزار ، 981 آھي . سنڌ صوبي جي ڪل آبادي ۾ 6.43 سيڪڙو هندو ، 2.38 سيڪڙو شيڊيول ڪاسٽ ، 0.98 سيڪڙو ڪرسچن ، 0.03 سيڪڙو قادياني ، ۽ 0.08 سيڪڙو ٻيون اقليتون موجود آھن . رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن ۾ سڀ کان وڌيڪ 38 لک ،67 هزار ،729 هندو آھن ٻئي نمبر تي 33 لک 788 ڪرسچن ، ٽيئن نمبر تي 13 لک ،49 هزار 487 شيڊيوڪاسٽ آھن ، ائين 1 لک 62 هزار 684 قادياني / احمدي موجود آھن 2017 جي آدم ڳڻپ ۾ سکن ، پارسين ، جو ڌار ڌار تعداد نه ٻڌايو ويو هيو پر 2023 جي آدم ڳڻپ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 15998 سک، 2348 پارسي 72 هزار 346 ٻيون اقليتون موجود آھن  پاڪستان ۾ 2017 جي آدم ڳڻپ جي مقابلي ۾ 2023 جي آدم ڳڻپ دوران شيڊيول ڪاسٽ جي آبادي ۾ 499873 جو اضافو ٿيو آھي جنهن بعد پاڪستان ۾ شيڊيول ڪاسٽ جي آبادي وڌي 13 لک ، 49 هزار 487 ٿي وئي آھي جنهن ۾ 696004 مرد ، 653449 عورتون شامل آھن ، 6 سالن بعد ٿيل آدم ڳڻپ دوران ڪي پي ڪي ، بلوچستان ، ۽ اسلام آباد ۾ شيڊيول ڪاسٽ جي آبادي ۾ اضافي بجاء گهٽتائي واقع ٿي آھي ،گهٽتائي ٿيڻ بعد ڪي پي ڪي صوبي ۾ شيڊيول ڪاسٽ جي آبادي 834 کان گهٽ ٿي 629 ، بلوچستان ۾ 3506 مان گهٽجي 2097 ، ۽ اسلام آباد ۾ 175 کان گهٽجي شيڊيول ڪاسٽ جي آبادي صرف 45 رهجي وئي آھي جڏهن ته پنجاب صوبي ۾ شيڊيول ڪاسٽ جي آبادي ۾ 7767 ۽ سنڌ ۾ 493997جي اضافي بعد پنجاب ۾ شيڊيول ڪاسٽ جي آبادي 21157 ۽ سنڌ ۾ 1325559 ٿي وئي آھي . هوڏانهن ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد سوڌو چئني صوبن ۾ قاديانين جو تعداد گهٽجي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي. پاڪستان ۾ ٿيل 2017 جي آدم ڳڻپ مطابق قاديانين جو مجموعي تعداد 1 لک ،91 هزار ، 737 هئي ، 6 سالن بعد 2023 ۾ ٿيل آدم ڳڻپ ۾ قاديانين جي آبادي ۾ اضافو ته نه ٿي سگهيو پر گهٽتائي ٿي آھي ۽ پاڪستان اندر قاديانين جو تعداد گهٽ ٿي 1 لک 62 هزار 684 ٿي ويو آھي 2023 جي آدم ڳڻپ رپورٽ جي جاري رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي ته پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد سميت چئني صوبن ۾ قاديانين جي آبادي ۾ گهٽتائي واقع ٿي آھي . پنجاب صوبي ۾ قاديانين جي آبادي ۾ 17509 جي گهٽتائي ٿي آھي ان طرح پنجاب صوبي ۾ رهندڙ قاديانين جو 2017 جي آدم ڳڻپ ۾ ٻڌايل تعداد 1 لک 58 هزار 21 کان گهٽ ٿي 1 لک 40 هزار 512 ٿي ويو آھي . سنڌ صوبي ۾ 2017 جي آدم ڳڻپ جي مقابلي ۾ قاديانين جي تعداد ۾ 3395 جي گهٽتائي ٿيڻ بعد 2023 ۾ سنڌ اندر  قاديانين جي ڪل آبادي 18266 تي پهتي آھي . بلوچستان صوبي ۾ قاديانين جي تعداد ۾ 1556 جي گهٽتائي ٿي آھي جنهن بعد قاديانين جو تعداد 557 رهجي ويل ٻڌايو ويو آھي ، ڪي پي ڪي صوبي ۾ قاديانين جي تعداد ۾ 5377 جي گهٽتائي ٿيڻ بعد ڪي پي ڪي صوبي ۾ قاديانين جو تعداد گهٽ ٿي 951تي اچي ويو آھي اسلام آباد ۾ قاديانين جي تعداد ۾ 340 جي گهٽتائي ٿي آھي جنهن بعد قاديانين جو اسلام آباد ۾ تعداد گهٽ ٿي 2398 تي اچي ويو آھي .ان کان سواءِ پاڪستان ۾  هندو ۽ ڪرسچن ڪميونٽي جي آبادي ۾  اضافو ٿيو آھي .2023 جي آدم ڳڻپ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته پاڪستان ۾ 2017 جي آدمشماري جي مقابلي ۾ 2023 جي آدم ڳڻپ دوران 6 لک 58 هزار 740 فردن جو اضافو ٿيو آھي جنهن ۾ پنجاب صوبي ۾ 395861 ، سنڌ صوبي ۾ 138667 ، ڪي پي ڪي صوبي ۾ 88605 ، بلوچستان صوبي ۾ 28912، ۽ اسلام آباد ۾ ڪرسچن ڪميونٽي جي آبادي ۾ 6 سالن دوران 10434 جو اضافو ٿيو آھي ، اضافي بعد ملڪ اندر ڪرسچن ڪميونٽي جي آبادي 33 لک 788 ٿي وئي آھي پنجاب ۾ رهندڙ ڪرسچن آبادي جو تعداد 24 لک 58 هزار ، 924 ، ڪي پي ڪي ۾ 1 لک 34 هزار 894 ، سنڌ ۾ 546968 ، بلوچستان ۾ 62731 ، ۽ اسلام آباد ۾ رهندڙ ڪرسچن آبادي جو ڳاڻيٺو 97281 ٿي ويو آھي .  2023 جي آدم ڳڻپ رپورٽ مطابق 2017 جي آدم ڳڻپ جي مقابلي ۾ 2023 جي آدم ڳڻپ دوران هندو آبادي ۾ 272473 جو اضافو ٿيو آھي جنهن بعد هندو آبادي وڌي 38 لک 67 هزار ، 729 تائين پهچي وئي آھي جنهن ۾ 20لک 751مرد ۽ 18 لک 86 هزار 797 عورتون شامل آھن . گذريل ڇهن سالن دوران ڪي پي ڪي صوبي ۾ هندو آبادي ۾ صرف 243 ، پنجاب صوبي ۾ 30308 ، سنڌ صوبي ۾ 230424 ، بلوچستان ۾ 11363 ، اسلام آباد ۾ هندو آبادي ۾ صرف 277 جو اضافو ٿيو آھي ،اضافي بعد ڪي پي ڪي صوبي ۾ هندو آبادي وڌي 5473 ، پنجاب ۾ 228559 ، سنڌ ۾ 35 لک 75 هزار، 848 ، بلوچستان ۾ 57010 ۽ اسلام آباد ۾ هندو آبادي 839 ٿي ويو آھي.

عمرڪوٽ ۾ اقليتي آبادي مسلمانن کان به وڌي وئي

اسلام آباد: سڄي پاڪستان ۾ صوبي سنڌ  اندر هڪ  ضلعو عمرڪوٽ  اهڙو واحد ضلعو آھي جنهن ۾ اقليتي آبادي مسلمان آبادي کان وڌيڪ ٻڌائي وئي آھي ، ضلعي عمرڪوٽ جي مجموعي آبادي 11 لک ، 58 هزار ،284 آھي جنهن ۾ مسلمان آبادي 519276 آھي جڏهن ته اقليتي آبادي 639008 ڄاڻائي وئي آھي  عمرڪوٽ ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو 501989 ۽ شيڊيول ڪاسٽ 131125 رهن ٿا جڏهن ته سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي جي مجموعي آبادي ۾ اقليتي آبادي 45.78 سيڪڙو ٻڌائي وئي آھي جڏهن ته سنڌ جي ڪجھ ضلعن ۾ اقلتون هڪ لک يا ان کان وڌيڪ وڌيڪ تعداد ۾ موجود آھن  ضلعي ميرپورخاص ۾ 7 لک ، سانگهڙ ۾ ساڍا پنج لک ، بدين ۾ ساڍا چار لک ، ٽنڊو الهيار ۾ 3 لک 40 هزار ،حيدرآباد ۾ سوا ٻه لک ، گهوٽڪي ، ڪورنگي ۾ سوا سوا لک کان وڌيڪ ،جڏهن ته ايسٽ ڪراچي ،ڏکڻ ڪراچي ، مٽياري ، ٽنڊو محمد خان ۾ اقليتي آبادي ڏيڍ ڏيڍ لکن کان وڌيڪ رهندڙ آھي .2023 جي آدم ڳڻپ رپورٽ مطابق پاڪستان جي ڪل آبادي 24 ڪروڙ، 4 لک ،58 هزار ، 89 آھي جنهن ۾ مسلم آبادي 23 ڪروڙ ، 16 لک ،86 هزار، 709 آھي ان ريت 2023 جي آدم ڳڻپ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مجموعي طور تي اقليتي آبادي 87 لک ، 71 هزار ، 380 آھي جنهن ۾ 44 لک ،93 هزار ، 770 مرد ۽ 42 لک ، 76 هزار، 362 عورتون شامل آھن جڏهن ته 1248 اقليتن سان تعلق رکندڙ کدڙا فقير به آھن .

2023ع جي آدم ڳڻپ ۾ کدڙن جي مجموعي تعداد ۾ گهٽتائي

اسلام آباد : 2023 جي آدم ڳڻپ مطابق پاڪستان ۾ کدڙن جي مجموعي تعداد ۾ گهٽتائي ٿي آھي 2017 جي آدم ڳڻپ مطابق پاڪستان ۾ کدڙن فقيرن جو تعداد 21774 هيو جيڪو 2023 جي آدم ڳڻپ ۾ گهٽ ٿي 20331 ٿي ويو آھي جن ۾ 19083 خواجه سرا مسلمان ، جڏهن ته 1248 جو تعلق اقليت سان آھن جن ۾ 464 ڪرسچن ، 181 هندو ، 17 قادياني ، 34 شيڊيول ڪاسٽ ، 31 سک ، پارسي 4 ، ۽ 517 کدڙن جو تعلق ٻين اقليتن سان آھي

سڀ کان وڌيڪ آبادي واري صوبي پنجاب ۾ صرف 2.25 سيڪڙو اقليتون رهندڙ

اسلام آباد: پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي آبادي واري صوبي پنجاب جي مجموعي آبادي ۾ 97.75 سيڪڙو مسلمان، ۽ پنجاب جي ڪل آبادي ۾ 2.25 سيڪڙو اقليتون آباد آھن پنجاب صوبي جي مجموعي آبادي 12 ڪروڙ ، 73 لک ۾ اقليتي آبادي 28 لک ، 70 هزار ، 408 آھي اهڙي ريت ڪي پي ڪي صوبي جي مجموعي آبادي ۾ مسلمان آبادي 99.62 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي صرف 0.38 سيڪڙو آھي ڪي پي ڪي صوبي ۾ رهندڙ اقليتن جو تعداد 154967 ٻڌايو ويو آھي . بلوچستان صوبي جي مجموعي آبادي ۾ مسلمان آباد 99.09 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 0.91 سيڪڙو آھي بلوچستان ۾ رهندڙ اقليتن جو تعداد 132443 آھي . اسلام آباد جي مجموعي آبادي ۾ مسلمان آبادي 95.55 سيڪڙو ۽ اقليتي آبادي 4.45 سيڪڙو ٻڌائي وئي آھي اسلام آباد ۾ رهندڙ اقليتن جو تعداد هڪ لک کان وڌيڪ آھي .

ملڪ ۾15998  سِکن مان 8510 مرد ۽ 7457 عورتون  رهندڙ

اسلام آباد  : 2023 جي آدم ڳڻپ رپورٽ موجب  پاڪستان ۾ سکن جو تعداد 15998 آھي جنهن ۾ 8510 مرد ۽ 7457 عورتون شامل آھن ڪي پي ڪي صوبي ۾ 4050، پنجاب ۾ 5649 ، سنڌ ۾ 5182 ، بلوچستان ۾ 1057 اسلام آباد ۾ رهندڙ سکن جو تعداد 60 آھي جڏهن ته ملڪ اندر رهندڙ پارسين جو تعداد 2348 آھي جن ۾ 1218 مرد 1126 عورتون شامل آھن ڪي پي ڪي ۾ رهندڙ پارسين جو تعداد 36 ، پنجاب ۾ 358 ، سنڌ ۾ 1763 ، بلوچستان ۾ 181 ،اسلام آباد ۾ 10 پارسي رهندڙ آھن

پاڪستان ٺهڻ وقت اقليتي آبادي 23 سيڪڙو هئي، جيڪا 3 سيڪڙو ٿي وئي آهي، انگ اکرن کي رد ڪيون ٿا: لال مالهي

اسلام آباد : اڳوڻي قومي اسمبلي جي ميمبر لال مالهي جو چوڻ آھي ته جڏهن پاڪستان ٺهيو ته 1947 ۾ پاڪستان جي ڪل آبادي ۾ اقليتي آبادي 23 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي سڪڙجي 3 سيڪڙو تي اچي پهتي آھي وائيس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر لال مالهي جو چوڻ هيو ته پاڪستان جي سياسي ،معاشي حالتن ۽ عدم تحفظ جي  صورتحال سبب اقليتون پاڪستان کان ٻاهر ٻين ملڪن ڏي لڏ پلاڻ ڪنديون رهيون آھن آئين اسان کي برابري جا حق ڏئي ٿو پر 76 سالن ۾ قومي اسيمبلي هندو ميرج بل منظور ڪري سگهي جنهن جا به باء لاز ٺهي نه سگهيا آھن ،قائد اعظم اقليتن سان مذهبي آزدي جو واعدو ڪيو هيو پر هندو ڇوڪرين جي زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ کان وٺي ٻيا مسئلا اقليتن کي درپيش آھن  قومي اسيمبلي جي ميمبر نويد عامر جيوا جو چوڻ هيو ته پاڪستان ۾ آدم ڳڻپ جو عمل تڪراري رهيو آھي اسان سمجهون ٿا ڪرسچن ۽ هندو ڪميونٽي جي آبادي درست نموني شمار نٿي ڪئي وڃي آدم ڳڻپ ۾ جيڪو تعداد ٻڌايو ويو آھي اقليتن جو تعداد ان کان گهڻو وڌيڪ آھي اسان ان طرح جي انگ اکرن کي رد ڪيون ٿا.

Leave A Comment