ڪوٽڙي وٽان سنڌو درياهه به گندو نالو بڻجڻ جو خطرو، سيوريج جو گندو پاڻي ڇوڙ: ڪچرو اڇلڻ سبب گدلاڻ، آبي جيوت مرڻ جو خدشو

آگسٽ 16, 2024

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙيءَ جي ميونسپل انتظاميا جي لاپرواهيءَ سبب سنڌو درياءَ جي پيٽ ۾ گند ڪچرو اڇلڻ سبب گندگيءَ جا ڍير لڳي ويا آهن، جڏھن ته درياھ جي ڪنڌيءَ تي موجود انساني آباديءَ جي نيڪال جو پاڻي پڻ سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب درياءَ جي پاڻيءَ ۾ گدلاڻ وڌڻ جو امڪان پڻ وڌي ويو آهي،جنھنڪري ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ انسانن، جانورن توڙي آبي جيوت جي حياتيءَ کي پڻ خطرا لاحق آهن. هوڏانهن ڪوٽڙيءَ جي ميونسپل انتظاميا درياھ جي پيٽ مان گند ڪچرو هٽائڻ ۽ انساني آباديءَ جي نيڪال جي پاڻيءَ جو ڇوڙ روڪڻ لاءِ ڪو به تحرڪ ناهي ورتو. ٻئي پاسي آبپاشي کاتي جي عملدارن پڻ سنڌو درياءَ جي پيٽ ۾ گند ڪچرو اڇلڻ جو نه ڪو نوٽيس ورتو آهي ۽ نه ئي ڪوٽڙيءَ جي ميونسپل انتظاميا تي ڪچرو هٽائڻ لاءِ ڪو دٻاءُ وڌو آهي، جنھنڪري هڪ پاسي سنڌ جو عظيم درياءَ آلودگيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي گند ڪچري جا ڍير هئڻ سبب سنڌوءَ جي سونهن پڻ اجڙي رهي آهي. ٻي طرف  اديبن  الطاف ملڪاڻيءَ، غلام رسول غرق، محبوب سنڌي، صائب ميمڻ، نوجوان شاعر لونگ ملاح، روشن ڏيپر، منگل پريتم، نرسنگ شانت ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌو درياءَ سنڌ جو روح آهي پر ڪوٽڙيءَ ۾ سنڌوءَ جو حال ڏسي سخت تڪليف ٿئي ٿي. هنن چيو ته ڪوٽڙيءَ جي انتظاميا جي لاپرواهيءَ سبب درياءَ جي سونهن اجڙي وئي آهي. هِنن مطالبو ڪيو ته  سنڌو درياءَ کي صاف سٿرو رکي درياءَ جي ڪناري تي پارڪ ۽ ريسٽورنٽ تعمير ڪرايو وڃي.

Leave A Comment