ججن جي مقرري لاءِ رولز کي قطعي شڪل ملي وئي، جسٽس منيب کي اعتراض، اجلاس مان واڪ آئوٽ

سيپٽمبر 14, 2024

اسلام آباد(م ڊ) جوڊيشل ڪميشن ججن جي مقرري لاءِ رولز کي قطعي شڪل ڏئي ڇڏي، 28 سيپٽمبر تي منظوري جو امڪان، جسٽس منيب اختلاف ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ اعليٰ عدليه ۾ ججز جي مقرري بابت غور ويچار ٿيو، ذريعن موجب جسٽس منيب اختر اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، جسٽس منيب اختر چيو ته آئيني ترميم جو معاملو حتمي ٿيڻ تائين اجلاس ملتوي ڪيو وڃي، ذريعن موجب ڪميشن پاران تجويز سان اختلاف بعد جسٽس منيب اختر اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويو، ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه اجلاس ۾ تجويز ڪيل سفارشن جو مسودو پڙهي ٻڌايو، اجلاس ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين، هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسز ۽ چئني صوبن جي قانون وارن وزيرن به شرڪت ڪئي.

Leave A Comment