نصر الله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا: پوليس تي اعتماد ناهي، عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي: امڙ

مَي 31, 2024

ڪراچي/ميرپور ماٿيلو (نمائندن وٽان) پوليس 10 ڏينهن گذرڻ باوجود صحافي نصر الله گڏاڻي جا جوابدار گرفترا نه ڪيا، امڙ پاران پوليس تي بي اعتمادي ظاهر، عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، خبر موجب ميرپورماٿيلو جي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي قتل جا جوابدار 10هين ڏينهن به گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته شهيد صحافي جي امڙ پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڪيس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي، صحافي جي امڙ پٺاڻي پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ڪراچي جا صحافي عدالتي ڪميشن جوڙائڻ لاءِ آواز اٿارين، هن چيو ته پوليس تي اسان جو اعتماد ناهي، پوليس مان انصاف جي ڪا به اميد ناهي، پٽ نصرالله جي ڪيس جي جاچ عدالت ذريعي ڪرائي وڃي، ھوڏانھن شهيد صحافي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ صحافين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن لطيف لغاري، اشرف شاهه، تاج ٽانوري، ثاقب گڏاڻي، مولوي اسحاق، ذوالفقار پتافي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٻئي پاسي اڄ ميرپور ماٿيلو ۾ صحافين پريس ڪلب کان ايس ايس پي آفيس تائين ريلي ڪڍي ويندي، ٻئي پاسي گهوٽڪي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين يونس ڀٽو، احسان ڪلادي ۽ سراج ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، خانپورمهر ۾ نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نوجوان اتحاد جي سڏ تي طالب گڏاڻي، زين العابدين گڏاڻي، منير گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڪنڌرا ۾ حيدر مستوئي تي حملي خلاف صحافين عبدالحق جاگيراڻي، فقير صالح ڪانڌڙو، محبت راڄپر، ظهير ڌاريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ڪنب ۾ صحافين احمد رند، سانول ڳاھو، ذاڪر تمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، گمبٽ ۾ صحافين صفدر سهتو، عبدالطيف شيخ، حبيب الله شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، پريالوءِ ۾ صحافين عبدالجبار، صوبل، مشتاق احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، راڻيپور ۾ يونين آف جرنلسٽس پاران اڪبر شاهاڻي، قربان منگي، بلاول سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.

حيدر مستوئي ڪراچي منتقل: ڪيس داخل نه ٿيو، بيان قلمبند

سکر (بيورو رپورٽ) روهڙي ۾ ٽائيم نيوز جي عيوضي حيدر مستوئي مٿان قاتلانه حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ناهن ٿيا، ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو، ايس ايس پي سکر اسپتال پهچي صحافي جي عيادت ڪئي، خبر موجب حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي حيدر مستوئي جو نجي اسپتال انتظاميا 4 وڳي آپريشن ڪرڻ جو چيو پر اوچتو سامان نه پهچڻ جو جواز ڄاڻائي صحافي کي بهتر علاج لاءِ ڪراچي اسپتال منتقل ڪرڻ جو چيو، جنهن تي حيدر مستوئي جي عزيزن پاران فوري طور تي کيس ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، حيدر مستوئي جو چوڻ آهي ته مان ۽ دوست صحافي خان محمد پتافي گهر وڃي رهيا هئاسين ته اڇيون قبيون وٽ هٿياربندن روڪي شناخت ڪرائڻ جو چيو، خان محمد پتافي پاران پنهنجي شناخت ڪرائڻ تي اُن کي ڌڪو ڏئي، پسٽل جو بٽ هڻي پوئتي ڪيو ويو ۽ مون مٿان فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن هٿياربند جو ميگزين خالي ٿي ويو ته مون کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته پٺيان بيٺل هڪ ٻئي هٿياربند پاران مون مٿان فائرنگ ڪئي، هڪ گولي ٻانهن ۽ چار گوليون ٽنگ ۾ لڳيون، باقي گوليون نڪري ويون آهن، ساڄي پاسي واري ٽنگ ۾ لڳل گولي ڦاٿل آهي، هن چيو ته منهنجي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي، هن چيو ته جوابدارن جا کي چهرا کليل هئا، جيڪڏهن انهن کي ٻيهر ڏسندس ته سڃاڻيندس، حيدر مستوئي جي عيادت لاءِ ايس ايس پي سکر امجد شيخ پهتو، جنهن عزيزن ۽ صحافين کي خاطري ڪرائي ته جلد ذميوارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، سکر ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هوڏانهن ڊي ايس پي روهڙي فراز علي ميتلو نجي اسپتال پهچي صحافي حيدر مستوئي ۽ خان محمد پتافي جو بيان قلبند ڪيو.

Leave A Comment