پي ٽي آءِ جو جلسو اوچتو ملتوي، قيادت لاعلم، اپوزيشن اتحاد ڪاوڙجي پيو، سواتي – عمران ملاقات سوال اُٿاري ڇڏيا

آگسٽ 23, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/ م ڊ) تحريڪ انصاف اسلام آباد جي ترنول واري علائقي ۾ رٿيل اڄوڪو جلسو اوچتو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ اعظم سواتي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد اڄوڪو جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر گوهر ۽ اعظم سواتي چيو ته اڄ ريڊ زون ۾ مذهبي جماعتن پاران تحفظ ختم نبوت جي حوالي سان احتجاج ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ باني ختم نبوت جي احترام ۾ ۽ ڪنهن ڏڦيڙ کان بچڻ لاءِ اڄوڪو جلسو ملتوي ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن، ملتوي ڪيل جلسو هاڻي 8 سيپٽمبر تي ٿيندو، اسلام آباد انتظاميا 8 سيپٽمبر تي جلسي جي اجازت به ڏئي ڇڏي، خيبر پخونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور به پنهنجي وڊيو بيان ۾ ترنول وارو جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ باني آئين جي پاسداري ۽ ملڪ کي انتشار کان بچائڻ خاطر اڄوڪو جلسو ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، 8 سيپٽمبر تي ڀرپور جلسو ڪيو ويندو،  پي ٽي آءِ جي سياسي ۽ ڪور ڪميٽي کي جلسي ملتوي ڪرڻ واري فيصلي بابت اعتماد ۾ نه ورتو ويو، تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان پاران به پي ٽي آءِ آڏو فيصلي تي سخت موقف رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هوڏانهن اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت ۽ ايم اين اي ارباب عامر سميت 23 ڄڻن کي گرفتار ڪري وئي.  پوليس شير افضل مروت کي حراست ۾ وٺي گولڙا ٿاڻي تي کڻي وئي، اسلام آباد پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شير افضل مروت کي ڪو به انتشار نه پکيڙڻ جي خاطري ڪرائڻ تي ڇڏيو ويو آهي، شير افضل مروت جي پوليس اهلڪارن سان جهيڙي واري وڊيو به سامهون اچي وئي، وڊيو ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ شير افضل مروت جي قميص ڦاٽل نظر اچي رهي آهي.

Leave A Comment