پنجاب اسيمبلي جو اجلاس: سوا ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيل اجلاس ۾ جمعي نماز جو وقفو

فيبروري 23, 2024

نون چونڊيل ميمبرز جي حلف برداري لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس، سوا ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيل اجلاس ۾ جمعي نماز جو وقفو، اسپيڪر سبطين خان، نوازليگ جي نامزد سي ايم پنجاب مريم نواز ۽ نوان چونڊيل نمائندا اجلاس ۾ موجود، نواز ليگ جي ميمبرز ۽ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيل پي ٽي آءِ ميمبرز جي هڪ ٻئي خلاف نعريبازي، اسپيڪر سبطين خان چيو آهي ته اڄ رڳو نون چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو ويندو، سڀاڻي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، مريم نواز ايوان ۾ پهتي ته نوازليگ جي ميمبرز نعرا هڻي ۽ ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي، مريم نواز اسيمبلي آمد تي چيو ته خدا ڪري ته پنجاب لاءِ هڪ نئون دور شروع ٿئي، مريم نواز پنجاب اسيمبلي ۾ پارٽيءَ جي چونڊيل ميمبرز سان گڏجاڻي به ڪئي، مريم نواز چيو ته توهان سڀني کي جمهوريت جو نئون دور مبارڪ هجي، سڀ گڏجي ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪوهلي کان رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي درخواست

  • ويسٽ انڊيز پاران آسٽريليا خلاف ٽي- 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان

  • آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ،ڪو به پاڪستاني ٽاپ 10 ۾ شامل نه ٿيو

  • ف م لاشاري جي ورسي، “ ڏٺي ڏينهن ٿيام” جي مهورت